پهرين مرحلي ۾ متحده کي ٻه وزارتون ڏيڻ جو فيصلو

ڪراچي( م ڊ)  وفاقي ڪابينا جي پهرين مرحلي ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان کي ٻه وزارتون ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪمران جماعت مسلم ليگ (ن) ايم ڪيو ايم کي پورٽ اينڊ شپنگ ۽ جي آءِ ٽي جون وزارتون ڏيڻ جي حمايت ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته ايم ڪيو ايم پاڪستان رابطا ڪميٽي جي مشاورت سان ٻنهي وزيرن جا نالا ڏئي ڇڏيا آهن، ذريعن موجب اهي نالا ايم ڪيو ايم جي ٻن سينيئر اڳواڻن سيد مصطفيٰ ڪمال، سيد امين الحق ۽ جاويد حنيف مان ڪن ٻن جا نالا فائنل ڪيا ويندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.