ڪراچي( م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين آصف علي زرداري صدارتي چونڊن ۾ ووٽن جي معاملي تي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه خالد مقبول صديقي سان رابطو ڪيو. ذريعن موجب پيپلز پارٽي جي نامزد صدارتي اميدوار آصف علي زرداري ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه خالد مقبول کي فون ڪري سياسي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلزپارٽي جي نامزد صدارتي اميدوار آصف علي زرداري ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه خالد مقبول کي فون ڪيو ۽ صدارتي چونڊ ۾ ووٽ ڏيڻ جي درخواست ڪئي، جنهن تي خالد مقبول صديقي کيس يقين ڏياريو ته هو مشاورت کانپوءِ جلد جواب ڏيندو.