ڪنڌڪوٽ ڀرسان پيءُ پٽ سوڌو 3 ڄڻا اغوا، وارثن ۽ شهرين جو ڪيترائي ڪلاڪ ڌرڻو

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ عرفان علي کوسو/ ممتاز سنڌي) ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي اندر امن و امان جي صورتحال انتهائي  خراب ٿي وئي، پيءُ پٽ سوڌو ٽن ڄڻن کي اغوا ڪيو ويو، هڪ مهيني اندر اغوا ٿي ويل مغوين جو انگ 25 ٿي ويو، مغوين جي آزادي لاءِ پنج ڪلاڪ ڌرڻو هنيو ويو، ضلعي جي صورتحال امن و امان جي حوالي سان انتهائي خراب ٿي وئي، ڏوهاري وڌيڪ 3 ڄڻن کي اغوا ڪري ڪچي طرف فرار ٿي ويا، جڏهن ته هڪ مهيني اندر 25 مغوي ڌاڙيلن هٿان اغوا ٿي چڪا آهن، ڪنڌڪوٽ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ رمضان سبزوئي مان پيءُ پٽ سميت 3 ڄڻن بهار علي، ذيشان ۽ شمن سهرياڻي کي اغوا ڪري ڪچي طرف نيوويو، اغوا واقعي بعد مغوين جي وارثن سهرياڻي برادري حد جي پوليس کي اطلاع ڏنو ۽ وارثن پاران ٽنهي مغوين جي آزادي لاءِ ڪنڌڪوٽ جي انڊس هاءِ وي ڪالٽيڪس وٽ ڌرڻو هنيو ٽائرن کي باهيون ڏنيون، سنڌ پنجاب بلوچستان کان ايندڙ ويندڙ ٽرئفڪ جي رواني معطل ٿي وئي ۽ قطارن جي صورت ۾ گاڏيون بيهجي ويون، ڌرڻي ۾ سهرياڻي برادري جي ماڻهن مغوين جي وارثن ۽ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن رحمت خان سهرياڻي، اڪرم باجڪاڻي، دلمراد ڏاهاڻي، سجاد بروهي ۽ ٻين پوليس خلاف شديد نعري بازي ڪندي چيو ته هي اسان جي ضلعي ۾ ڇا ٿي رهيو آهي، ڌاڙيل ٽولا سرعام شهر ۾ داخل ٿي رڍن ٻڪرين جيان انسانن جي ڪنن مان وٺي انهن کي اغوا ڪري ڪچي طرف فرار ٿي وڃن ٿا پر ايتري تائين ضلعي جي هزارين جي تعداد ۾ پوليس نفري انهن ڌاڙيلن جي رستن ۾ رڪاوٽ وجهڻ ۾ ڪابه ڪاروائي نه ٿي ڪري، هن وقت ضلعي جي حالت رحم جوڳي ٿي چڪي آهي ماڻهو سخت پريشاني واري عالم ۾ مبتلا ٿيل آهن روز ماڻهو اغوا ٿين ٿا گهرن ۾ روڄ راڙو متل آهي پوليس مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي پوليس جي رٽ ڪٿي به نظر نه پئي اچي، سڀني مغوين کي باحفاظت طريقي سان آزاد ڪرايووڃي، ٻي صورت ۾ ڌرڻا جاري رهندا، ڌرڻي ۾ شريڪ سهرياڻي برادري جي چڱي مڙس رحمت خان سهرياڻي سان ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ بشير احمد بروهي فون تي ڳالهائي ڌرڻو ختم ڪرڻ جي اپيل ڪئي ۽ 2 ڏينهن اندر ٽنهي مغوين کي آزاد ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي، سهرياڻي برادري ۽ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو، ضلعي اندر بدترين بدامني ۽ مغوين جي بازيابي لاءِ پوليس خاموشي ٽوڙي دراني مهر جي ڪچي واري علائقي ۾ ڀيو گينگ ۽ سبزوئي گينگ خلاف ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ جي سربراهي ۾ پوليس آپريشن هلندڙ آهي، پوليس آپريشن ۾ رينجرز به پوليس سان ڪچي ۾ گڏيل آپريشن ڪري رهي آهي.پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ جديد هٿيارن سان هڪ ٻئي مٿان فائرنگ جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري رهيو پوليس آپريشن ۾ جديد هٿيارن اينٽي ايئر ڪرافٽ گن، راڪيٽ لانچرز فائر ڪيا ويا هلندڙ پوليس آپريشن ۾ هڪ پوليس اهلڪار ظفر علي بالادي زخمي ٿي پيو جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ڏوهارين خلاف هلندڙ آپريشن جي حوالي سان ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ بشير احمد بروهي جو چوڻ هو ته آخري پساهه تائين ڌاڙيلن خلاف وڙهندو رهندس ڪچي ۾ ڏوهارين خلاف زبردست آپريشن هلي رهيو آهي ڏوهارين سان جديد هٿيارن سان مهاڏو اٽڪائي رهيا آهيون ٻنهي طرفن کان جديد هٿيارن سان فائرنگ هلندڙ آهي، هي آپريشن ڀيو گينگ ۽ سبزوئي گينگ خلاف هلندڙ آهي، هن ٻنهي گينگز جو مڪمل خاتمو آندو ويندو، هي آپريشن آخري ڌاڙيل جي خاتمي تائين جاري رهندو ۽ باحفاظت طريقي سان سڀني مغوين کي آزاد ڪرائينداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.