ڪراچي (رپورٽر ) پوليس عملدارن منشيات وڪري ۽ ڀتا خوري ۾ ملوث حاضر پوليس آفيسر کي گرفتار ڪري ورتو، ڪراچي سائيٽ سپر هاءِ وي پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي منشيات وڪري ۽ ڀتا خوري ۾ ملوث پوليس آفيسر کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس آفيسرن ان حوالي سان ٻڌايو ته جوابدار اي ايس آءِ عمران کان چرس هٿ آيو، گرفتار جوابدار گلش ميمار ٿاڻي ۾ ڊيوٽي آفيسر آهي، سائيٽ سپر هاءِ وي پوليس 12 جنوري تي هڪ جوابدار پڪڙيو هو ان جاچ دوران ٻڌايو ته پسٽل پوليس آفيسر ڏنو آهي، پوليس عملدارن مطابق گرفتار جوابدار کان مليل موٽر سائيڪل اي ايس آءِ عمران جي نالي تي هئي، پوليس جاچ کانپوءِ ايس ايڇ او گلشن معمار جوابدار کي بچائڻ جي ڪوشس ڪندو رهيو، عملدارن وڌيڪ ٻڌايو ته اي ايس آءِ عمران مومن آباد ۾ ڀتا خوري ۾ گرفتار ٿي چڪو آهي، جوابدار جي خلاف هڪ ٿاڻي ۾ منشيات جو ڪيس به ٿاڻي ۾ داخل آهي، هاڻي گرفتار جوابدار کان منشيات هٿي ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.