ڪراچي (رپورٽر) سنڌ ۾گريڊ هڪ کان 15 تائين ڀرتين تي لاڳو پابندي برقرار رکي وئي آهي، سنڌهاءِڪورٽ جي جسٽس ظفر راجپوت جي عدالت ۾ سنڌ جي سرڪاري کاتن ۾ گريڊ هڪ کان 15 تائين سرڪاري ملازمتن تي پابندي جي حوالي سان ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ايم ڪيو ايم جي وڪيل فروغ نسيم پيش ٿيو، درخواست ٻڌڻي جي قابل آهي يانه آهي فروغ نسيم جا دليل جاري هئا، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 18مارچ تائين ملتوي ڪري سرڪاري ملازمتن تي پابندي برقرار رکي آهي، ايم ڪيو ايم سرڪاري کاتن ۾ ڀرتين جي خلاف درخواست داخل ڪئي هئي، ٻڌڻي 18 مارچ تائين ملتوي ڪئي وئي.