”موروثي سياست دفن، بلاول ڀٽو نه ٿو بڻجي سگهي“بئرسٽر گوهر جي تقرير دوران پ پ جو گوڙ

اسلام آباد(م ڊ) بئرسٽر گوهر پاران تقرير دوران بلاول تي تنقيد ڪرڻ تان پيپلزپارٽي جي ميمبرز گوڙ ڪيو، بئرسٽر گوهر چيو ته جمهوريت جون ڳالهيون ڪندڙ بلاول اسان جي عورتن تي تشدد ۽ گرفتارين جي مذمت ۾ هڪ لفظ به نه ڳالهايو.هن چيو ته پي ٽي آءِ باني هنن جي  موروثي سياست کي دفن ڪري ڇڏيو آهي، مون جهڙي ڪارڪن کي پي ٽي آءِ جو چيئرمين لڳايو ويو، ڇا پيپلزپارٽي وٽ اهڙو ڪو ماڻهو نه هو جيڪو پارٽيءَ جو صدر بڻجي سگهي ها. هن چيو ته بلاول پنهنجي ناني جي سياست کي دفن ڪري ڇڏيو آهي، سندس نالي سان ڀٽو لڳائڻ سان ڪو به ڀٽو نٿو بڻجي، اهي هار جيڪي سوئٽزرلينڊ ۾ پيل هئا اهي ڪيڏانهن ويا؟ هن چيو ته قانون جي بالادستي جي معاملي ۾ اسان رڳو افغانستان ۽ ميانمار کان اڳتي آهيون، باقي سڀني کان پوئتي آهيون.  اسد قيصر چيو ته پي ٽي آءِ باني، شاهه محمود قريشي، بشريٰ بي بي ۽ پرويز الاهي خلاف ڪيس ختم ڪيا وڃن، ڪوڙا ڪيس ختم ڪري اسان جي اڳواڻن کي آزاد ڪيو وڃي ته جمهوريت ۽ آئين جي بالادستي لاءِ توهان سان گڏ هونداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.