سينيٽ اجلاس ۾ سوشل ميڊيا بند ڪرڻ جي ٺهراءُ تي احتجاج

اسلام آباد (اين اين آءِ) سينيٽ اجلاس  ۾ سينيٽر بهرا مند تنگي پاران سوشل ميڊيا پليٽ فارمز بند ڪرڻ جي ٺهراءُ تي ايوان ۾ احتجاج ڪيو  ويو، بهرا مند تنگي چيو ته منهنجي ٺهراءُ تي بحث ٿي سگهي ٿو، ٿي سگهي ٿو منهنجي ذهن ۾ سٺي ڳالهه هجي، ايوان ۾ احتجاج سبب ڊپٽي چيئرمين سينيٽ بهرا مند تنگي کي تقرير ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو جنهن تي سينيٽر احتجاج ڪندي چيو ته اها ڳالهه درست ناهي، توهان ماڻهن جي دٻاءُ ۾ ڇو ٿا اچي وڃو،بعد ۾ بهرا مند پنهنجي قرارداد واپس وٺي ڇڏي،اجلاس دوران محمود اچڪزئي جي گهر تي ڇاپي خلاف احتجاج ڪيو ويو ،پشتونخوا ملي عوامي پارٽي جي سينيٽر شفيق ترين ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو،جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد چيو ته سرڪاري ادارا عوام کي سهولت ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي ويا آهن، موجوده ماڊل غريبن جو گرهه کسڻ وارو ۽ اميرن کي نوازڻ وارو آهي، ايف بي آر جا 10 هزار ملازم ٽيڪس ريٽرن جمع نٿا ڪرائن،اجلاس ۾  فيبروري تي اسرائيلي فوج پاران خوراڪ لاءِ جمع فلسطينين جي قتل عام خلاف مذمتي ٺهراءُ پيش ڪيو ويو، سينيٽر افنان الله چيو ته امداد وٺڻ ويندڙن تي فضائي بمباري مذمت جوڳي آهي، پلوشاهه چيو ته فلسطيني مسمانن جي رتوڇاڻ تي خاموشي تي اسلامي ملڪن کي شرم اچڻ گهرجي،  الله ڪري تيل جي دولت سان مالا مال مسلمان ملڪ جي تيل جا کوهه سڪي وڃن ڇو ته اهي فلسطينن جو ساٿ نه پيا ڏين، سينيٽر فيصل جاويد چيو ته اسرائيل فلسطينين جي رتوڇاڻ ڪري رهيو آهي ۽ اسان خاموش آهيون ڪامران مرتضيٰ چيو ته جيڪي  ماڻهو پارٽين جي سطح تي حماس سان مليا آهن انهن لاءِ پاڪستان جي زمين به گرم ڪئي پئي وڃي، ڪامل علي آغا چيوته جماعت اسلامي فلسطين سان محبت جي جدوجهد کي پاڪستان ۾ زنده رکيو آهي، سراج الحق ان معاملي تي خراج تحسين جي لائق آهي، گهٽ ۾ گهٽ اسان يهودي شين جو پاڪستان ۾ بائيڪاٽ ڪريون، سينيٽر سيمي ايز دي چيو ته اسان کي ڪي ايف سي، ميڪڊونلڊ سميت اسرائيلي شين جو بائيڪاٽ ڪرڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.