اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ سليم مانڊوي والا چيو آهي ته سينيٽ چيئرمين جي عهدي لاءِ اسان جو اميدوار يوسف رضا گيلاني آهي.سليم مانڊوي والا چيو ته معيشت کي سياست کان ڌار ڪيو وڃي، معيشت کي جمهوريت جي طرز تي هلائڻ گهرجي، حالتون نازڪ آهن، ذاتي مفاد ملڪ کي نقصان پهچائي سگهن ٿا.هن چيو ته پارليامينٽ ميمبرن جي تقريرن کي سينسر نه ڪيو وڃي، صدر جي ووٽ لاءِ سڀني سان رابطو ڪري رهيا آهيون، سينيٽ جي چيئرمين لاءِ اسان جو اميدوار يوسف رضا گيلاني آهي.