وزيراعظم کي مڙني سياسي قيدين کي آزاد ڪرڻ جو اعلان ڪرڻ گهرجي ها: اختر مينگل

اسلام آباد (م ڊ) بلوچستان عوامي پارٽي جي  سربراهه اختر مينگل وزيراعظم شهبازشريف کي چونڊجڻ تي مبارڪ ڏيندي چيو آهي ته وزيراعظم کي مڙني سياسي قيدين کي آزاد ڪرڻ جو اعلان ڪرڻ گهرجي ها، قومي اسيمبلي اجلاس ۾خيالن جو اظهار ڪندي اختر مينگل چيو ته سڀ کان پهريان محمود خان اچڪزئي جي گهر پوليس ڇاپي جي مذمت ڪريان ٿو، هن چيو ته اميد هئي ته وزيراعظم  قيد صحافين کي آزاد ڪرڻ جو اعلان ڪندو، صحافي قلم ذريعي اسان کي سڌو رستو ڏيکاڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، بلوچستان ۾ اسان سياسي نه جنگي قيدي آهيون، سياسي قيدين کي بنا دير آزاد ڪيو وڃي، اميد هئي ته وزيراعظم صحافي اسد طور ۽ عمران رياض کي آزاد ڪرڻ جو اعلان ڪندو، اختر مينگل چيو ته گوادر جنهن جي نالي تي سي پيڪ ٺاهيو ويو آهي، وزيراعظم صاحب اهو ٻڏي ويو آهي، ماڻهن جي ريسڪيو لاءِ هيليڪاپٽر اماڻيو ها ته سٺو ٿئي ها، مان ڪيئر ٽيڪر حڪومتن جو نالو انڊر ٽيڪر رکيو هو، بي اين پي جي سربراهه چيوته بلوچستان جون عورتون ۽ ٻار ڪجهه ڳولهڻ  گادي واري هنڌ آيا هئا، اسلام آباد جي سرد راتين  ۾ انهن جو استقبال ٿڌي پاڻي سان ڪيو ويو، انهن عورتن ۽ ٻارڙن سان جيڪو ورتاءُ ڪيو ويو، انهن عورتن ٻارڙن جو جيڪو ڪوئيٽا استقبال ڪيو ويو ڏسي ڇڏيو. هن چيوته هي جيڪو گوڙ شور ٿي رهيو آهي، اسان جمهوريت جي قبر تي فاتحه پڙهي رهيا آهيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.