گوادر جا برسات متاثر جبلن تي ترسيل، سرفراز بگٽي جي دوري دوران عوام جو احتجاج

گوادر (م ڊ) وزيراعليٰ بلوچستان سرفراز بگٽي جي دوري جي موقعي تي گوادر جي رهواسين شديد احتجاج ڪيو، شاهراهه کي بند ڪيو ويو، ٽي ٽي سي ڪالوني جي رهواسين ايئرپورٽ روڊ طاهري پلازه وٽ ڌرڻو هنيو،  مظاهرين گوادر ۾ ٻوڏ جي صورتحال ۾ حڪومتي ڪارڪردگي تي پنهنجي شديد ردعمل جو اظهار ڪيو، مظاهرين جو چوڻ هو ته گذريل 6 ڏينهن کان اسان جي گهرن ۾ 5 کان 6 فُٽ پاڻي بيٺل آهي، ضلعي انتظاميا ۽ صوبائي حڪومت طرفان صرف آسرا ڏنا پيا وڃن، طوفاني برساتن جي ڪري زمينون ٻڏي ويون آهن ۽ شاهراهون بند پيل آهن، راشن جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، گوادر جو عوام شديد ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته برسات سبب متاثر علائقن ۾ هنگامي بنيادن تي امدادي سرگرميون شروع ڪيون وڃن، متاثرن کي مصيبت مان ڪڍيو وڃي، ٻئي پاسي گوادر جي ڳوٺن ۾ پاڻهو جبلن تي پناهه وٺڻ تي مجبور بڻجي ويا، امداد جي انتظار ۾، ريسڪيو ٽيمون نه پهچي سگهيون،  ان کانسواءِ ٻهراڙي جي علائقن ۾ ريسڪيو ۽ امدادي ٽيمون نه پهچي سگهيون، گوادر ۾ بين الصوبائي شاهراهون ۽ رابطي وارا رستا بند پيل آهن، زوب ڊي آءِ خان شاهراهه تي دهاناسر جي مختلف جابلو هنڌن تي ڦاٿل 200 کان وڌيڪ مسافر گاڏين کي ڪڍڻ جون ڪوششون جاري آهن، چمن، قلعه عبدالله ۽ پشين جي شهري علائقن ۾ وقفي وقفي سان برفباري جو سلسلو جاري آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.