اسلام آباد (م ڊ) سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي، شهباز شريف کي مبارڪباد پيش ڪئي، پنهنجي مبارڪباد جي پيغام ۾ صادق سنجراڻي چيو ته شهباز شريف جو ٻيو ڀيرو وزيراعظم چونڊجڻ ان جي قيادت تي عوام جي اعتماد جي عڪاسي آهي، چيئرمين سينيٽ چيو ته اميد آهي ته وزيراعظم شهباز شريف قوم جي ڀلائي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪندو رهندو.