اسلام آباد(م ڊ) نئين چونڊيل وزيراعظم شهباز شريف جي تقرير دوران سني اتحاد ڪائونسل جي ميمبرن ايوان ۾ گو نواز گو جا نعرا هنيا جڏهن ته ٻيا سيٽيون وڄائيندا رهيا.مسلم ليگ (ن) جي عطا تارڙ، حنيف عباسي ۽ ملڪ ابرار سني اتحاد ڪائونسل جي نعرن جو جواب ڏيندا رهيا،ان دوران شهباز شريف پنهنجي تقرير جاري رکي.قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي نئين چونڊيل وزيراعظم شهباز شريف اتحادين جو شڪريو ادا ڪيو، جڏهن ته سني اتحاد ڪائونسل جي ميمبرن زوردار نعرا هنيا.اسپيڪر اياز صادق جيئن ئي قائد ايوان لاءِ ووٽنگ جي نتيجن جو اعلان ڪيو ته ايوان شير شير جي نعرن سان گونجي ويو.مسلم ليگ ن جي ميمبرن ”گهڙي چور“ جا نعرا هنيا جڏهن ته سني اتحاد ڪائونسل” ووٽ چور“ جا نعرا هنيا.قومي اسيمبلي جو اجلاس شروع ٿيندي ئي سني اتحاد ڪائونسل جي ميمبرن احتجاج شروع ڪيو، ايوان ”مريم ڪي پاپا چور هين“ جي نعرن سان گونجي ويو.هنن پي ٽي آءِ جي باني عمران خان جي تصوير به هٿ ۾ کڻي ”مينڊيٽ چور“ جا نعرا هنيا. اپوزيشن طرفان ”ڏسو ڏسو ڪير آيو،چور آيو چور آيو “جا نعرا هنيا ويا، جڏهن ته حڪومتي ميمبرن پاران” ڏسو ڏسو ڪير آيو شينهن آيو شينهن آيو“ نعرا هنيا ويا.