نوابشاهه (ڊ ر) نصير آباد ۾ ڏينھن ڏٺي جو گوليون ھڻي قتل ڪيل قومپرست اڳواڻ ۽ استاد ھدايت لوھار جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ جسقم نواب شاھ پاران مقتول جي ڌيءَ سورٺ لوھار، سارنگ لوھار، علي رضا خاصخيلي، سرفراز ميمڻ، سھڻي جويو، سارنگ جويو، عبدالفتاح چنو، الھ بچائي خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نئي ناڪي کان ھڪ ريلي ڪڍي وئي جيڪا شھر جو گشت ڪندي نواب شاھ پريس ڪلب پھتي، ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ھتي غنڊا راڄ آھي، سياسي ڪارڪنن کي ھدايت لوھار وانگر سرعام گوليون ھڻي قتل ڪيو ٿو وڃي، جيڪو مڪمل اسٽيٽ ڪرائيم آھي، ھنن چيو ته شھيد ھدايت لوھار جا وارث قاتلن جي گرفتاري لاءِ مسلسل احتجاج ڪري رھيا آھن، ايف آئي آر داخل ھجڻ جي باوجود پوليس قاتلن کي گرفتار نٿي ڪري، هدايت لوهار جو قتل سياسي قتل آهي، هو هڪ پرامن سياسي ڪارڪن هو، جنهن کي دهشتگردي جو نشانو بڻايو ويو آهي، ڪنهن به ماڻهوءَ کي سياسي خيالن سبب قتل ڪري نٿو سگهجي، قاتلن کي گرفتار نه ڪرڻ ناانصافي آهي، جيڪو عمل خون لوڙهڻ برابر آهي، ھنن مطالبو ڪيو ته شھيد هدايت لوهار جي قتل ۾ ملوث قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ وڌائي ويندي، جڏھن ته ان موقعي تي سنڌي ادبي سنگت جي بخشل باغي، جسقم جي گل ڏاھري، منير ابڙو، ڪاشف لاکو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.