ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) صدارتي چونڊن ۾ ووٽ واري معاملي پيپلز پارٽيءَ جي نامزد اميدوار آصف علي زرداري ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه خالد مقبول صديقيءَ سان رابطو ڪيو آهي،.
ذريعن موجب، پ پ جي نامزد صدارتي اميدوار آصف علي زرداري ايم ڪيو ايم سربراهه خالد مقبول صديقي کي فون ڪري ساڻس سياسي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻنهي اڳواڻن صدارتي چونڊن، سياسي صورتحال ۽ سنڌ جي معاملن تي ڳالهه ٻول ڪئي.
ذريعن موجب، آصف زرداري ايم ڪيو ايم کان ووٽ جي درخواست ڪئي جنهن تي خالد مقبول کيس خاطري ڪرائي ته صلاح مشوري کانپوءِ جلد جواب ڏينداسين.
ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ فاروق ستار هڪ بيان ۾ چيو هو ته صدارتي چونڊڻ لاءِ اڃا تائين پ پ ساڻن ڪو رابطو ناهي ڪيو پر جڏهن هو صدارتي چونڊن لاءِ ووٽ جي درخواست ڪندا ته اسان به انهن کان 15 سالن جو حساب وٺنداسين.
You might also like