ڪوئيٽا( م ڊ) بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي گوادر شهر مان برساتي پاڻي جي نيڪال جو ڪم اڄ تائين مڪمل ڪرڻ جو يقين ڏياريو ۽ 20 ڏينهن ۾ گوادر بابت رپورٽ طلب ڪندي متاثرن کي اڪيلو نه ڇڏڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته ان حوالي سان پهريون قدم بچاءُ آهي. ۽ ٻيو متاثرن جي بحالي جو جائزو ورتو ويو، جنهن ۾ وڏي وزير کي نقصانن بابت بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته گوادر ۾ 187 ملي ميٽر کان وڌيڪ برسات رڪارڊ ڪئي وئي،
متاثر خاندانن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويو ۽ راشن سميت ٻيو ضروري سامان فراهم ڪيو ويو، ميڊيا سان ڳالهائيندي سرفراز بگٽي چيو ته سڀاڻي تائين گوادر مان پاڻي ڪڍيو ويندو، شهر ۾ ڊرينيج جو ڪم مڪمل ڪيو ويندو، عوام پاڻ کي اڪيلو نه سمجھي، حڪومت هر قدم تي عوام سان گڏ بيٺي آهي.
، واضح رهي ته 30 ۾ 187 ملي ميٽر برسات سبب سوين گهر پاڻي ۾ ٻڏي ويا هئا. گوادر ۽ ڀرپاسي وارن ضلعن ۾ به ڪلاڪن جا ڪلاڪ ٻوڏ اچي وئي. ڪمشنر مڪران ڊويزن سعيد احمد عمراني جو چوڻ هو ته 3 ڏينهن ۾ 245 ملي ميٽر برسات پئي، جنهن 14 سالن جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو، بلوچستان حڪومت گوادر ۾ خميس تي ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي هئي، جڏهن ته گوادر ۾ تيز برساتن کانپوءِ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي هئي. شهر ۾ تباهي مچائي، ان کان پوءِ ان کي آفت قرار ڏنو ويو.