وزيراعظم جي چونڊجڻ تي اسپيڪر جو صدر کي خط

اسلام آباد(م ڊ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق شهباز شريف جي وزيراعظم چونڊجڻ بابت صدر کي خط موڪلي ڇڏيو آهي .آچر ڏينهن قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ مان جاري ڪيل بيان موجب صدر کي لکيل خط ۾ اسپيڪر کيس آگاهه ڪيو ته ميان محمد شهباز شريف 201 ووٽ حاصل ڪري پاڪستان جو وزيراعظم چونڊجي ويو آهي.خط ۾ لکيو ويو ته 3 مارچ آچر تي ٿيندڙ اجلاس ۾ وزيراعظم جي چونڊ ڪئي وئي. وزيراعظم جي چونڊ پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 91 تحت ٿي.قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ميان محمد شهباز شريف اسلامي جمهوريه پاڪستان جو وزيراعظم چونڊجي ويو آهي.اهڙو نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ بعد سيڪريٽري قومي اسيمبلي اهو نوٽيفڪيشن پرنٽنگ پريس آف پاڪستان کي گزيٽ آف پاڪستان ۾ شايع ڪرڻ لاءِ موڪليو.قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ 4 مارچ 2024ع جي صبح 11 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.