اسلام آباد(م ڊ)مسلم ليگ (ن) جي صدر شهباز شريف وزيراعظم چونڊجڻ سان ئي ملڪي ترقي، خوشحالي ۽ عوامي ڀلائي جا اعلان ڪيا آهن.قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي هن دوست ملڪن جي سيڙپڪارن جي ويزا فري داخلا، چئني صوبن ۾ ايڪسپورٽ زونز ۽ جديد اسپتالن جي تعمير، سڄي ملڪ ۾ ٽرانسپورٽ نيٽ ورڪ جي قيام، سولر ٽيوب ويل پروگرام متعارف ڪرائڻ ۽ اعليٰ ترين ٻج گهرائي ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي،شهباز شريف فيڊرل بورڊ آف روينيو کي 10 ڏينهن ۾ ٽيڪس ريفنڊز جاري ڪرڻ جو به اعلان ڪيو، ڀاڻ جي فيڪٽرين بدران سڌي ريت هارين کي سبسڊي ڏني وڃي.