اسلام آباد(م ڊ)مسلم ليگ ن جي قائد نواز شريف شهباز شريف کي ٻيو ڀيرو وزيراعظم چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني آهي.نئين چونڊيل وزيراعظم شهباز شريف سان مسلم ليگ (ن) جي قائد نواز شريف ملاقات ڪئي.ملاقات دوران شهباز شريف احترام سان پنهنجي وڏي ڀاءُ نواز شريف جي گوڏن کي ڇهيو ۽ نواز شريف پنهنجي ڀاءُ کي ٻيو ڀيرو وزيراعظم چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني.