سنڌ ۽ بلوچستان اسيمبليون خريد ڪيون ويون،ڌانڌلي خلاف تحريڪ هلائينداسين: فضل الرحمان

ڪراچي (م ڊ) جمعيت علماءِ اسلام ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته جنِ کي خبر هئي ته مقابلي ۾ مان صدارتي اميدوار هوندس ته هُنن ٽجوڙين جا منهن کولي ڇڏيا، خواهش آهي ته اچڪزئي کي ووٽ ڏيان پر  پارٽي جو فيصلو واجب آهي ايئن نه ڪريان، اسان اپوزيشن ۾ هونداسين، ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته حماس جي قيادت سان ملندس ته بين الاقوامي طاقتون ته ناراض ٿينديون، سياستدانن کي ڪمٽمينٽ رکڻ گهرجي، جتي اپوزيشن جون سيٽون هونديون، اسان اتي ويهنداسين، حماس جي قيادت سان ملڻ تي عالمي طاقتون ناراض ته ٿينديون، جن کي خبر هئي مان انهن جي مقابلي ۾ صدارتي اميدوار بڻجندس ته انهن تجوڙين جا منهن کوليا، منهنجي خواهش آهي ته محمود اچڪزئي کي ووٽ ڏيان پر پارٽي جو فيصلو واجب آهي ته ائين نه ڪيان، سياستدانن کي پنهنجي ڪمٽمينٽ رکڻ گهرجي، فضل الرحمان جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ بابت جيڪو موقف اهو، هاڻ به اهو ئي آهي، اسان چاهيون ٿا ته اهڙو ماحول ٺهي جنهن سان اختلاف ختم ٿين، چونڊن ۾ اسٽيبلشمينٽ پنهنجي ئي ورهاست ڪئي آهي، ڪنهن کي هڪ هنڌ ۽ ڪنهن کي ٻئي هنڌ ايڊجسٽ ڪيو ويو، چونڊن تي جمعيت جو موقف وضاحت سان سامهون آيو، اسان چونڊ نتيجن کي رد ڪيو آهي، وقت سان گڏ شاهديون سامهون اچي رهيون آهن ۽ اسان جي موقف جي تصديق ٿي رهي آهي، هاڻوڪين چونڊن 2018 ۾ ڌانڌلي جو به رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو، جي يو آءِ سربراهه وڌيڪ چيو ته هيءَ پارليامينٽ ڌانڌلي جي پيدوار آهي، ان پارليامينٽ ۾ ڪجهه ماڻهو پاڻ کي حڪمران سڏرائيندا، جيڪي قوم تي حڪومت ڪندا پر دلين تي نه، جمهوريت پنهنجو ڪيس هارائي رهي آهي، پارليامينٽ پنهنجي اهميت وڃائي رهي آهي، اسان جو ڪنهن سان ذاتي جهيڙو ناهي جو ان کي پرچايون، هن چيو ته انهن حڪمرانن اقتدار کي طاقت سمجهيو آهي، پئسي جي بنياد تي سنڌ ۽ بلوچستان اسيمبلي خريدي وئي، اڃا تائين گرينڊ الائنس جي فضا ناهي، پ پ ۽ ن ليگ کي 2018 وارو مينڊيٽ مليو، ان وقت ڌانڌلي هئي ته هاڻ ڇو نه؟ سندس چوڻ هو ته اسان وٽ جيڪو آيو آهي اسان ان جو احترام ڪيو آهي، اسان پارليامينٽ ۾ وينداسين، احتجاج ڪنداسين، ياد رهي ته ملڪ ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ ٿيندڙ صدارتي چونڊن جي لاءِ حڪومتي اتحاد طرفان آصف علي زرداري ۽ اپوزيشن طرفان محمود خان اچڪزئي ۾ مقابلو ٿيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.