1950ع ۾ جنم وٺندڙ شهبازشريف پنجاب جو ٽي ڀيرا وڏو وزير به رهي چڪو

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ ن جو صدر شهباز شريف اسلامي جمهوريا پاڪستان جو 24هون وزيراعظم چونڊجي ويو، اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جو ننڍو ڀاءُ شهباز شريف 1950 ۾ لاهور ۾ ڄائو، شهباز شريف، ميان محمد شريف جو ٻيو نمبر  پٽ آهي، هو هڪ بااثر بزنيس مين۽ گڏيل طور تي اتفاق گروپ آف ڪمپنيز جو مالڪ آهي، هو 1985ع ۾ لاهور چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز جو صدر به چونڊيو ويو شهباز شريف پهريون ڀيرو 1988ع ۾ پنجاب اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو هو، 1990ع ۾ اين اي 96 لاهور 5 تان قومي اسيمبلي جو مميبر چونڊيو ويو، 1993ع پ پ 125 لاهور، 10 جي تڪ تان صوبائي اسيمبلي جي سيٽ تي ڪامياب ٿيو،کيس مخالف ڌر اڳواڻ طور نامزد ڪيو ويو، 1997ع ۾ پ پ 125 لاهور  مان ٽيو ڀيرو پنجاب اسيمبلي جو ميمبر چنڊجي صوبي جو وڏو وزير بڻيو، 1999ع ۾ کيس هٽائي سعودي عرب جلاوطن ڪيو ويو، 2007ع  ۾ 8 سال جلاوطن  رهڻ کان پوءِ پاڪستان موٽي آيو، 2008ع ۾ چوٿون ڀيرو بکر مان صوبائي اسيمبلي جي سيٽ کٽي، ٻيو ڀيرو صوبي جو وڏو وزير بڻيو، 2013ع ۾ لاهور مان هڪ دفعو ٻيهر اسيمبلي جو ميمبر بڻيو، ٽيون ڀيرو پنجاب جو وڏو وزير چونڊجيو، 2018ع ۾ پنهنجي ڀاءُ نوا زشريف جي سپريم ڪورٽ جي نااهلي کان پوءِ پاڪستان مسلم ليگ جو صدر ٿيو، 2018ع ۾ قومي اسيملي جي چئن تڪن اين اي 249 ڪراچي، اين اي 132 لاهور، اين اي سوال ۽ اين اي 192 ڊيراغازي خان مان اليڪشن وڙهيو، قومي اسيمبلي  ميمبر چونڊڻ کان پوءِ هن عمران خان جي مقابلي ۾ وزيراعظم جي چونڊ وڙهي، جنهن ۾ عمران خان 176 ووٽ کڻي وزيراعظم چونڊيو ويو ۽ شهباز شريف کي 96 ووٽ مليا، جنهن کان پوءِ شهباز شريف مخالف ڌر اڳواڻ نامزد ٿيو، 2022ع ۾شهباز شريف پهريون ڀيرو وزيراعظم بڻيو، وزيراعظم طور ان جو پهريون دور رڳو 16 مهينن تائين محدود رهيو، عمران خان کي بي اعتمادي رٿ سان وزارت عظميٰ جي ڪرسي تان هٽائي جڏهن هو پهريون ڀيرو وزيراعظم بڻيو ته وڏو ڀاءُ نوازشريف ملڪ کان ٻاهر هو، هن پهريون ڀيرو وزيراعظم جو عهدو ان وقت سنڀاليو جڏهن ملڪ معاشِي لحاظ کان ڪمزور هو، روپئي جي ملهه ۾ لاڳيٿو لاٿ ۽ ڊالرز جي ڊگهي اڏار ملڪ ڊيفالٽ جي خطري ۾ هو، هن دفعو ٻيهر 9 فيبروري 2024ع تي ٿيندڙ چونڊن جا نتيجا ۽ نئين قومي اسيمبلي ٺهڻ کان پوءِ هو ٻيور ڀيرو وزيراعظم چونڊيو ويو آهي، ٽي دفعاپنجاب جو وڏو وزير رهندڙ ۽ اتفاق گروپ آف ڪمپنيز جو حصيدار، ڪامياب ڪاروباري شخصيت شهباز شريف کي هڪ مضبوط ۽ پر عزم شخص طور سڃاتو وڃي ٿو، جيڪو هڪ قابل منظم به آهي،  ان پنجاب ۾ ترقياري ڪمن جي حوالي سان وڏي  ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، جڏهن ته پنجاب جي ميٽرو بس منصوبن کي ان سڀ کان وڏي ڪاميابن کان قرار ڏنو وڃي ٿو،

  1. پاڪستانين کي خادم ملي ويو، مريم نواز جي شهباز شريف کي مبارڪباد

لاهور(م ڊ)پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف مسلم ليگ ن  جي صدر شهباز شريف کي ٻيو ڀيرو پاڪستان جو وزيراعظ۾ چونڊجڻ تي مبارڪ ڏني آهي، پنهجي بيان ۾ مريم نواز شريف چيوته پاڪستانين کي خادم ملي ويو عوام کي  به مبارڪ ڏيان ٿي، مريم نواز چونڊيل وزيراعظم  شهباز شريف لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته محمد نواز  شريف جي سربراهي ۾ پاڪستان ۾ خدمت جو هڪ نئون دور شروع ٿيندو،  قوم جي خادم ۽ نواز شريف جي سپاهي شهبازشريف جو وزيراعظم چونڊجڻ ۽ خوشحالي جي  ترقي  جي سٺي خبر کڻي ايندو، شهباز شريف جي اسپيڊ، محنت، ڪاڪردگي ۽ ايمانداري جي دنيا ساراهه ڪري ٿي، شهباز شريف جو ماضي گواهه آهي ته  هو محنت، ڪارڪردي ۽ ميرٽ تي يقين رکي ٿو، وزيراعظم جي عهدي تي شهبا زشريف جي چونڊ حقيقي جمهوريت جي فتح آهي.

  1. وزيراعظم حلف کڻڻ بعد پهريون دورو گوادر جو ڪندو

اسلام آباد(م ڊ)نئون چونڊيل وزيراعظم شهباز شريف عهدي جو حلف کڻڻ بعد اڱاري(سڀاڻي) تي گوادر جو دورو ڪندو.ڊان نيوز موجب شهباز شريف اڱاري تي وزيراعظم جي عهدي جو حلف کڻندو، جنهن کانپوءِ هو بلوچستان جي برسات متاثر ضلعي گوادر جو دورو ڪندو.شهباز شريف کي ٻوڏ جي تباهي، گوادر ۾  جاري امدادي ڪمن ۽ بحالي بابت بريفنگ ڏني ويندي.وزيراعظم ساڳئي ڏينهن  ڪراچي پهچندو جتي هو قائداعظم جي مزار تي حاضري ڀريندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.