ڪنڌڪوٽ ۾ 4 مغوين جي آزادي لاءِ بگٽي برادري جو انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو

ڪنڌڪوٽ(رپورٽ عرفان علي کوسو/ ممتازسنڌي)ڪنڌڪوٽ 5 ڏينهن اڳ انڊس هاءِ وي روڊ تان اغوا ٿي ويل 4 مغوين جي آزادي لاءِ بگٽي برادري جو انڊس هاءِ وي روڊ ٽول پلازه وٽ ٽائرن کي باهيون ڏئي بلاڪ ڪري ڇڏيو، اغوا ٿيندڙن ۾ برڪت، بابر، بهرام، سونهارو خان بگٽي شامل آهن، ڌرڻي سب سنڌ پنجاب بلوچستان کان ايندڙ ويندڙ گاڏين جون قطارون لڳي ويون.ان سلسلي ۾ روڊ بلاڪ ڪندڙ بگٽي برادري جي احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته 5 ڏينهن اڳ اسان جا مغوي اغوا ڪيا ويا پر هن مهل تائين اسان جي  مغوين کي پوليس بازياب نه ڪرائي سگهي آهي، ڌاڙيل فون ذريعي اسان کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، ڌاڙيلن ڀنگ ڏيڻ لاءِ چيو ويو نه ڏيڻ سبب اسان جي پيارن کي نقصان پهچائڻ جو ڌاڙيلن فون ذريعي ڌمڪيون ڏنيون آهن، احتجاج ڪندڙن چيو ته هي ڌرڻو اسان جو ايستائين جاري رهندو جيستائين اسان جا مغوي آزاد نه ٿيندا، ضلعي اندر بدامني جي صورتحال انتهائي خراب ٿي چڪو آهي ۽ شهري خوف ۾ مبتلا ٿيل آهن پر پوليس هن مهل تائين امن و امان جي صورتحال کي بهتر ڪرڻ ۽ ڌاڙيلن جي خاتمي لاءِ ڪي به تڪڙا قدم نه کڻي سگهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.