4 مارچ واري جدوجهد کي 56 ورهيه مڪمل، سنڌ جا درد اڃا به ساڳيا

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ جي شاگردن جي 4 مارچ واري عظيم جدوجهد جو ڏهاڙو اڄ ملهايو پيو وڃي، اڄ 4 مارچ واري جدوجهد کي 56 ورهيه ٿي ويا آهن، پر سنڌ جا درد اڃا به ساڳيا رهيا، ون يونٽ جي دور ۾ 4 مارچ  967ع واري ڏهاڙي تي سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن ان وقت جي حيدرآباد جي غير سنڌي ڪمشنر مسرور حسن پاران سنڌ يونيورسٽي جي انتظامن ۾ مداخلت ڪرڻ سميت سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر حسن علي عبدالرحمان کي وقت کان اڳ وائيس چانسلري تان هٽرائڻ خلاف شاگرد سراپا احتجاج بڻيا، پوءِ اها جدوجهد ون يونٽ مخالف جدوجهد ۾ تبديل ٿي وئي، 4 مارچ واري شاگرد جدوجهد ون يونٽ مخالف تحريڪ جو حصو هئي ۽ ون يونٽ خلاف شاگردن ڀرپور جدوجهد ڪئي، مسرور حسن جنهن کي آمر ايوب خان پنهنجي طاقت جي زور تي حيدرآباد ۾ رکيو هو ته جيئن هو سڄي حيدرآباد ۽ سنڌ يونيورسٽي تي ڪنٽرول رکي سگهي. اڄ جي ڏهاڙي 4 مارچ 1967ع جو پسمنظر هي آهي ته ان ڏينهن تي سنڌ يونيورسٽي جي ڄامشورو ۾ قائم هاسٽلن مان شاگردن هڪ وڏو جلوس ڪڍيو هو، جيڪو سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو کان نڪتو ۽ ڄامشورو روڊ تي قاسم آباد لڳ هاڻوڪي راجپوتا اسپتال وٽ پهتو ته اتي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ پوليس اهلڪارن شاگردن کي روڪي ورتو ۽ مٿن سخت تشدد ڪري 307 شاگردن کي گرفتار به ڪيو، ان ڏينهن کان وٺي 4 مارچ کي سنڌ ۾ شاگردن جي جدوجهد جو ڏهاڙو ڪري ملهايو وڃي ٿو. شاگردن جي اها ريلي ان وقت سنڌ يونيورسٽي جي اسٽوڊنٽس يونين جي صدر يوسف لغاري جي قيادت ۾ نڪتي هئي، 4 مارچ واري شاگرد جدوجهد ۾ اسٽوڊنٽس يونين جو اڳواڻ يوسف لغاري، نواب يوسف ٽالپر، ڪامريڊ ڄام ساقي، مسعود نوراني، مجيب پيرزادو، اعجاز قريشي، رفيع صفي، عبدالحئي پليجو ۽ لياقت جتوئي سميت ڪيترائي شاگرد اڳواڻ اڳڀرا هئا، شاگردن ان کان اڳ 3 مارچ 1967ع تي پڻ حيدرآباد ۾ ون يونٽ بلڊنگ هاڻوڪي شهباز بلڊنگ جي سامهون ڪمشنر جي آفيس آڏو پڻ پنهنجي مسئلن جي حل ۽ وائيس چانسلر جي بدلي خلاف جلوس ڪڍي نعريبازي ڪئي هئي، 4 مارچ تي اهلڪارن شاگردن مٿان لٺيون وسائي مٿن شيلنگ به ڪئي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي شاگرد زخمي پڻ ٿي پيا هئا. گرفتار ڪيل شاگردن ۾ اسٽوڊنٽس يونين جو اڳواڻ يوسف لغاري، نواب يوسف ٽالپر، مسعود نوراني، مجيب پيرزادو، اعجاز قريشي، رفيع صفي، عبدالحئي پليجو، لياقت جتوئي ۽ ٻيا شاگرد شامل هئا، جڏهن ته شاگرد اڳواڻ ڪامريڊ ڄام ساقي ۽ ٻيا شاگرد شاگردن جي آزادي ۽ ون يونٽ خلاف هلندڙ جدوجهد ۾ رهيا. گرفتار ڪيل شاگردن کي سينٽرل جيل ۽ نارا جيل منتقل ڪيو ويو هو. 4 مارچ 1967ع ۾ شاگردن يونين موجود هئي ۽ شاگرد يونين جي موجود هجڻ ڪري شاگردن تاريخ ساز جدوجهد ڪئي، پر جنرل ضياءُ الحق جي دور ۾ شاگردن يونين تي پابندي لاڳو ڪئي وئي ۽ اڄ ڏينهن تائين اها پابندي لاڳو آهي، ان وچ ۾ جمهوري حڪومتن جا ڪيترائي دور آيا، پر شاگرد يونين تان پابندي نه هٽي سگهي آهي، سنڌ جي شاگردن توڙي سياسي، سماجي ڌرين ۽ ساڃاهه وندن جو اڄ به اهو ئي مطالبو آهي ته شاگرد يونين بحال ڪئي وڃي،

جيتوڻيڪ 4 مارچ واري ون يونٽ مخالف جدوجهد هئي ۽ اها ئي جدوجهد ون يونٽ ٽوڙ جدوجهد ثابت ٿي ۽ ون يونٽ جو خاتمو ٿيو.17

  1. ڪامريڊ ڄام ساقي جي ڇهين ورسي سڀاڻي ملهائي ويندي

حيدرآباد: 4 مارچ شاگرد جدوجهد جو هڪ ٻيو هيرو کاهوڙي ڪردار ڪامريڊ ڄام ساقي 5 مارچ 2018ع تي لاڏاڻو ڪري ويو، سڀاڻي سندس ڇهين ورسي ملهائي ويندي، حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ڪامريڊ ڄام ساقي کي ڀيٽا پيش ڪرڻ جي لاءِ تقريب پڻ رٿيل آهي، ڪامريڊ ڄام ساقي 4 مارچ واري شاگرد جدوجهد جو حصو  رهيو، هن ون يونٽ خلاف جدوجهد ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ سندس هن جدوجهد ۾ قربانيون رهيون، 1967ع کان 1969ع تائين ون يونٽ مخالف تحريڪ زورن تي پهتل هئي ۽ ان ئي دور ۾ 3 نومبر 1968ع ۾ حيدرآباد ۾ شاگردن جو ڪنوينشن گهرايو ويو، جنهن ۾ سڄي سنڌ مان شاگرد شريڪ ٿيا، ڪنوينشن ۾ سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي قيام جو اعلان ڪيو ويو، جنهن جو صدر ڪامريڊ ڄام ساقي کي ڪيو ويو، جڏهن ته نائب صدر نديم اختر، اعجاز قريشي، جنرل سيڪريٽري مير ٿيٻو کي چونڊيو ويو، اهڙي طرح شاهه محمد شاهه، سيد مهر حسين شاهه، عبدالحئي پليجو، مسعود پيرزادو ۽ ٻيا عهديدار چونڊيا ويا. ڪامريڊ ڄام ساقي ون يونٽ مخالف تحريڪ ۾ انتهائي سرگرم رهيو.17

  1. ارڙهين ترميم خلاف مختلف منصوبا ٺهي رهيا آهن: يوسف ٽالپر

حيدرآباد: 4 مارچ شاگرد جدوجهد جي هڪ ٻئي هيرو اڳوڻي شاگرد اڳواڻ ۽ هن وقت پاڪستان پيپلزپارٽي سان تعلق رکندڙ ايم اين اي نواب  يوسف ٽالپر چيو ته آئون ڪو وڏو اڳواڻ نه هيس، پر ان جدوجهد جو حصو ضرور رهيس، ون يونٽ وارو دور انتهائي خراب دور هو، ان دور ۾ سياستدانن مان سواءِ سائين جي ايم سيد جي ٻيو ڪو به سياسي اڳواڻ ون يونٽ خلاف نه ڳالهائيندو هو، پوءِ اسان شاگرد ئي هئاسين جيڪي ون يونٽ خلاف ميدان تي نڪتاسين، پر ان جدوجهد ۾ اسان کان غلطي ضرور رهجي وئي ته اسان جي جدوجهد ون يونٽ خلاف هلي رهي هئي، پر ون يونٽ جي خاتمي کانپوءِ ڇا ڪرڻو هو اهو پروگرام طئه نه ٿيل هو، اهو ڪم سياسي جماعتن کي ڪرڻو هو اسان ته شاگرد هئاسين، سياستدانن ۾ سواءِ جي ايم سيد جي ٻيو ڪير به ڳالهائڻ وارو نه هو، جيڪڏهن ان دور ۾ ون يونٽ کانپوءِ وارو پروگرام سياسي جماعتن وٽ موجود هجي ها ته گهڻو ڪجهه حاصل ٿي سگهي ها ۽ صوبن کي ان جو تمام گهڻو فائدو ٿئي ها. هن چيو ته 2008ع ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي حڪومت آئي ته پيپلزپارٽي صوبن کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ ارڙهين ترميم آندي، جنهن ذريعي صوبن کي اختيار مليا، پر هاڻ حڪمران اهي سڀ اختيار واپس وٺڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهن، ارڙهين ترميم به هڪ پروسيس آهي، جنهن جا ڪيترائي مرحلا طئه ٿيا آهن ۽ ٿيڻا آهن، اسان سمجهون ٿا ته صوبا مضبوط هوندا ته وفاق به مضبوط رهندو، پر حڪمران اها ڳالهه سمجهڻ لاءِ تيار ناهن. هن چيو ته ارڙهين ترميم کي واپس ڪرڻ جي لاءِ هنن مختلف پروگرام ٺاهي رکيا آهن، جنهن جو هڪ مثال فوڊ سيڪيورٽي جي نالي سان قائم ڪيل کاتو آهي، جنهن ۾ هنن سڄي زراعت کي آڻي ڇڏيو آهي، اهڙي طرح ٻين شعبن ۾ ائين ٿي رهيو آهي. هن چيو ته اسان جو اهو ئي چوڻ آهي ته جيڪي شعبا وفاق وٽ هجڻ گهرجن اهي وفاق وٽ رهن، پر صوبائي معاملا صوبن وٽ هجڻ گهرجن ان سان هٿ چراند نه ڪئي وڃي، پر حڪمرانن جي نيت خراب آهي، هو اختيار واپس وٺڻ چاهين ٿا، پر ڪامياب نه ٿيندا، جيڪڏهن ارڙهين ترميم سان هٿ چراند ڪئي وئي ته اهو غير آئيني عمل هوندو، ارڙهين ترميم آئيني فيصلو آهي ان کي رد به آئيني انداز سان ڪري سگهجي ٿو، اسان ارڙهين ترميم خلاف ٿيندڙ ڪنهن به سازش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين.17

  1. حالتون 4 مارچ کان به وڌيڪ خراب آهن، صوبائي خودمختياري کسي پئي وڃي:يوسف لغاري

حيدرآباد: 4 مارچ جي هيرو يوسف لغاري عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته اڄ جون حالتون 4 مارچ 1967ع وارين حالتن کان به وڌيڪ خراب آهن، سنڌ کي چئوطرف کان گهيريو ويو آهي، انڌي منڊي  صوبائي خودمختياري به کسڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن ايم ڪيو ايم ۽ (ن) ليگ وچ ۾ مقامي حڪومتن جي حوالي سان آئيني ترميم آڻڻ جي لاءِ ڪيل معاهدي جي مذمت ڪندي چيو ته ايم ڪيو ايم چوري جي مينڊيٽ تي آئي آهي، ان کي ڪو به حق ناهي ته هو ٿوري گهڻي صوبائي خودمختياري تي وار ڪرڻ جون سازشون ڪري، 4 مارچ سنڌ جي قومي جدوجهد جو ڏهاڙو آهي، ان ڪري قوم کي هن قومي ڏينهن تي سنڌ جي خلاف ٿيندڙ سازشن خلاف ڀرپور آواز اٿارڻ گهرجي، مقامي حڪومتن کي بااختيار بنائڻ جي نالي تي سنڌ جا شهر کسڻ واري سازش کي ناڪام بنائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته هن شديد قسم جي سينسرشپ هلي رهي آهي، ماڻهو ڳالهائي ۽ لکي نٿا سگهن، مسئلا اڄ به ساڳيا آهن، ان دور ۾ ته ون يونٽ هو، اڄ ون يونٽ ته ناهي، پر تعليمي ادارا تباهه آهن تعليمي ادارن کي ٿاڻن ۾ تبديل ڪيو ويو آهي، ليبر يونين ۽ شاگرد يونين ناهي، سڄو ملڪ ڊي پوليٽيسائز ٿي چڪو آهي. هن چيو ته اڄ ڪيترائي ماڻهو کنڀي گم ڪيا ويا آهن، گم ڪيل ماڻهن جو مسئلو انتهائي اهم آهي، گم ڪيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ آواز اٿاريو وڃي، سنڌ جي ساڃاهه وند ڌرين کي عوام جو ڌڻي ٿيڻ گهرجي، اهڙين حالتن ۾ ون يونٽ مخالف تحريڪ جهڙي جدوجهد جي سخت ضرورت آهي. هن سنڌ جي ساڃاهه وند ڌرين کي اپيل ڪئي ته هو هڪ ڪانفرنس سڏائين جنهن ۾ سنڌ جي موجوده صورتحال تي بحث ڪري ان ڪانفرنس ۾ اهو طئه ڪيو وڃي ته عوام جي دردن کي ڪيئن گهٽائي سگهجي ٿو. هن چيو ته 4 مارچ شاگردن واري جدوجهد ون يونٽ خلاف هڪ سگهاري جدوجهد هئي ۽ اها ون يونٽ جي خاتمي تائين جاري رهي، 4 مارچ وارو واقعي ته شاگردن ۾ ون يونٽ خلاف پيدا ٿيل ڪاوڙ کي وڌيڪ سگهارو ڪيو ۽ شاگرد ون يونٽ خلاف ڀرپور انداز سان ميدان تي نڪري آيا.

  1. شاگردن جي هلچل ون يونٽ خلاف هلندڙ تحريڪ کي سگهارو بڻائي ڇڏيو

حيدرآباد: 4 مارچ شاگرد جدوجهد سنڌ جي قومي جدوجهد جو ڏينهن هجڻ واري حيثيت رکي ٿو، شاگردن جي ان جدوجهد ون يونٽ  خلاف هلندڙ تحريڪ کي سگهارو بڻائي ڇڏيو، ون يونٽ خلاف اڳ ئي تحريڪ هلندڙ هئي، ون يونٽ خلاف هلندڙ تحريڪ جي سربراهي سائين جي ايم سيد ڪري رهيو هو، سائين جي ايم سيد جي ڪراچي واري رهائشگاهه حيدر منزل ون يونٽ مخالف تحريڪ جو مرڪز رهي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي اينٽي ون يونٽ ڪميٽي جو سيڪريٽري هو، هن ڪميٽي جي ذريعي 26 ۽ 27 آگسٽ 1955ع تي ملڪ جي مک سياستدانن حيدر منزل تي ٿيل هڪ وڏي ميڙاڪي ۾ شرڪت ڪئي هئي، هن ميڙاڪي ۾ اولهه پاڪستان جا وڏا سياستدان به شريڪ ٿيا هئا. ون يونٽ خلاف هلندڙ تحريڪ ۾ جوڙيل “سنڌ پراونشل اينٽي ون يونٽ ڪاميٽي” جي پليٽ فارم تان سائين جي ايم سيد سان گڏ شيخ عبدالمجيد سنڌي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، قاضي فيض محمد، غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي، غلام محمد لغاري، عبدالمجيد جتوئي، حفيظ قريشي، عبدالحفيظ لاکو، پير الاهي بخش، ذوالفقار علي ڀٽو، محمد هاشم گذدر، قاضي عبدالرحمان ۽ ٻين ڪردار ادا ڪيو.

  1. سنڌ ڪا به ترقي نه ڪئي،رڳو ڪرپشن نظر پئي اچي: اعجاز قريشي

حيدرآباد: 4 مارچ شاگرد جدوجهد جي هڪ ٻئي هيرو، نامياري دانشور پروفيسر اعجاز قريشي چيو ته اڄ حالتون 4 مارچ 1967ع کان وڌيڪ  خراب آهن، سنڌ ڪا به ترقي نه ڪئي آهي، سياسي، سماجي، تعليمي ۽ ثقافتي لحاظ سان سنڌ پوئتي ٿي آهي. هن چيو ته اڄ جي جديد دور ۾ اها ڳڻتي جهڙي ڳالهه آهي ته سنڌ جا 70 لک کان وڌيڪ ٻارڙا اسڪول کان ٻاهر آهن، ان تي سوچڻ گهرجي. هن چيو ته اسان سوچيو هو ته ون يونٽ ٽٽڻ کانپوءِ ملڪ خاص طور تي سنڌ ۾ تبديلي ايندي، سنڌ ۾ گذريل 15 کان 20 سالن ۾ ڪا ترقي نه ٿي آهي، پر رڳو ڪرپشن نظر آئي آهي، بک، بدحالي ۽ بيروزگاري آهي. هن چيو ته ون يونٽ خلاف ٿيل تاريخي جدوجهد ۾ روز هزارين ماڻهو روڊن تي نڪرندا هئا، وڏي عرصي تائين اها جدوجهد هلي ۽ نيٺ ون يونٽ جو خاتمو ٿيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.