مڪاني نظام جي قانون ۾ ن ليگ نه سنڌ حڪومت پاڻ ترميم ڪندي: مراد علي شاهه

ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ ن ليگ جو ڪو به نمائندو ناهي پر بااختيار مڪاني حڪومتون موجود آهن، مڪاني نظام جي قانون ۾ ن ليگ نه سنڌ حڪومت پاڻ ترميم ڪندي،  مڪاني حڪومتن جي نظام ۾ وڌيڪ بهتري لاءِ اسان تيار آهيون،وفاقي حڪومت ڪي فور رٿا لاءِ رڳو 4 ارب رپيا جاري ڪيا آهن، جيڪي مختص ڪيل 16 ارب رپين جي رقم جو چوٿائي آھي ۽ تنهن ڪري رٿا ۾ وڌيڪ دير ٿي رهي آهي ۽ ان معاملي تي نئين چونڊيل وزيراعظم سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جو ارادو رکان ٿو. اها ڳالهه هن اليڪشن ڪمشن آف پاڪستان سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي سينيٽ اميدوارن ڄام سيف الله ڌاريجو، محمد اسلم ابڙو ۽ سندن ڪورنگ اميدوارن وقار مهدي ۽ عاجز ڌامراھھ جي نامزدگي فارم جمع ڪرائڻ جي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪئي. واضع رهي ته سينيٽ جون ٻئي سيٽون پيپلز پارٽي جي ٻن سينٽرن نثار کهڙو ۽ ڄام مهتاب ڏهر جي مستعفي ٿيڻ بعد خالي ٿيون آھن، جيڪي 8 فيبروري تي عام چونڊن ۾ ڪامياب ٿي سنڌ جي صوبائي اسمبلي جا ميمبر ٿيا آهن. وڏي وزير چيو ته پيپلز پارٽي جا ٻئي اميدوار سولائيءَ سان صوبائي اسمبلي مان چونڊيا ويندا. هن چيو ته اسان کي رڳو 108  ووٽن جي گهرج آهي جنهن جي مقابلي ۾ اسمبلي ۾ اسان جا 114 ووٽ آهن، تنهن ڪري اسان انهن کي سولائيءَ سان ڪامياب ڪرائينداسين، جنهن لاءِ صدر آصف علي زرداري کي واڌايون ڏيان ٿو. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته ميئر مرتضيٰ وهاب ڪراچي کي دنيا جو جديد ترين شهر بڻائڻ لاءِ اڻٿڪ محنت ڪري رهيو آهي. هڪ چونڊيل ميئر جي حيثيت سان وٽس تمام ضروري اختيار آهن. وڏي وزير چيو ته جيڪڏهن بلدياتي قانون ۾ وڌيڪ سڌارن جي گهرج پئي ته سنڌ اسمبلي ڪندي. وڏي وزير افسوس جو اظهار ڪندي چيو تھ مسلم ليگ (ن) کي بلدياتي قانون ۾ ترميم ڪرڻ جو اختيار ناهي، جيئن ايم ڪيو ايم مطالبو ڪيو آهي سنڌ اسمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊن لاءِ ايم ڪيو ايم سان ڳالهايو هو. وڏي وزير چيو ته هن وقت ايم ڪيو ايم اڳواڻ وزيراعظم جي چونڊن لاءِ اسلام آباد ۾ آهن ۽ اسان ساڻن صدارتي چونڊن لاءِ رابطو ڪنداسين. مراد علي شاهھ اعتراف ڪيو ته ايم ڪيو ايم ۽ سني اتحاد ڪائونسل جا سنڌ ۾ اسٽيڪ آهن تنهن ڪري اسان قانون سازي ۽ ٻين لاڳاپيل معاملن لاءِ سندن مشورو ڪنداسين ۽ تمام اسٽيڪ هولڊرز سان گڏ هلڻ چاهيون ٿا ته جيئن صوبي جي مسئلن کي گڏيل ڏاهپ سان حل ڪري سگهجي. هن چيو ته امن امان کي برقرار رکڻ صوبائي حڪومت جي ذميواري آهي، جنهن لاءِ سنڌ پوليس ۽ رينجرز کي ضروري هدايتون ڏنيون آهن. اسان جلد اسٽريٽ ڪرمنلز ۽ ڪچي جي ڌاڙيلن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪنداسين. رٿائن بابت پڇيل سوالن جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو جي 10 نڪاتي چونڊ منشور تي ايمانداري سان عمل درآمد ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيان. هن چيو ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت سدائين عوام جي خدمت جذبي سان ڪئي آھي، اهو ئي سبب آهي ته صوبي جي ماڻهن پيپلز پارٽي لاڳيتو چوٿون ڀيرو سنڌ ۾ سوڀارو ڪيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير ٻڌايو ته نئون چونڊيل وزيراعظم شھباز شريف اڄ (سومر) تي پنهنجي عهدي جو قسم کڻندو. وڏي وزير وڌيڪ چيو ته وزيراعظم جي بنيادي ذميواري معيشت کي مضبوط ڪرڻ آهي، ملڪ جو عوام ھن وقت اگهن جي غير معمولي واڌ سبب مھانگائي کي منهن ڏئي رهيو آهي، نئين وفاقي حڪومت کي هن مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ اپاءَ وٺڻ گهرجن. وڏي وزير موجب اهو رڳو اشرافيا کي ڏنل سبسڊي واپس وٺي ڪري حاصل ڪري سگهجي ٿي. سيد مراد علي شاهه چيو ته سندس وزيراعظم کي خط لکڻ جو ارادو آهي، جنهن ۾ ڪي فور رٿا جي تڪميل لاءِ درخواست ڪئي ويندي، هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ڪي فور رٿا شهر لاءِ پاڻي جي گهرج پوري ڪرڻ لاءِ تمام اهم آهي. وفاقي حڪومت ان رٿا لاءِ 16 ارب رپيا مختص ڪيا هئا جڏهن ته اڃا تائين رڳو 4 ارب رپيا جاري ڪيا آهن. هن امڪان ظاهر ڪندي چيو ته جيڪڏهن هن رٿا جو باقي رهيل فنڊ فوري طور تي جاري نه ڪيو ويو ته رٿا جي مڪمل ٿيڻ ۾ وڌيڪ دير ٿي سگھي ٿي. سيد مراد علي شاهه چيو ته سموري دنيا ۾ رمضان المبارڪ، عيدالاضحيٰ ۽ خاص تهوارن تي واپارين پاران کاڌي پيتي جي شين ۽ ڪپڙن جي اگهن ۾ گهٽتائي ڪئي ويندي آھي پر پاڪستان ۾ اهڙين شين جا اڳ هٿراڌو وڌايا ويندا آهن جيڪو عمل افسوس جوڳو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته جي ڊي اي جو احتجاج سندس سمجهه کان ٻاهر آهي. منهنجو سوال اهو آهي ته انهن ڪيترن اسمبلي تڪن تي چونڊ وڙهي؟ انهن تھ هميشه وانگر انهن تڪن تان شڪست حاصل ڪئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته جڏهن ته ڪيترن ئي تڪن تي انهن وٽ اميدوار ئي نه مليا پوءِ به اهي احتجاج ڪري رهيا هئا. پيرپاڳاري اعلان ڪيو هو ته گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي) جا چونڊيل ايم پي اي حلف نه کڻندا، جڏهن ته انهن اڳتي وڌي اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ۾ سندن اليڪشن ريٽرن جمع ڪرايا ۽ پاڻ کي نوٽيفائي ڪرايو. سيد مراد علي شاھھ چيو ته تنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته جي ڊي اي جي چونڊيل ايم پي ايز پيرپاڳاري جو واعدو پورو نه ڪيو. وڏي وزير چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو جي 10 نڪاتي ايجنڊي تحت سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثر علائقن ۾ غريب ماروئڙن لاءِ گهر تعمير ڪندي. هڪ سوال جي جواب ۾ سيد مراد علي شاھھ سوال ڪيو ته برساتي وهڪڙن تي دڪان اڏڻ جي اجازت ڪنهن ڏني؟ ۽ هاڻي اهي بيگناهه ۽ شهر جا مالڪ ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.