چار مارچ جو ڏينهن سنڌين جي سجاڳيءَ جو اهم ڏينهن آهي هن جدوجهد سنڌ جي نجات جون ڪيتريون ئي راهون کوليون. ڪيترائي نظر يا جنميا آهن اينٽي ون يونٽ تحريڪ جو پئدا ٿيڻ، سنڌ جي نجات لاءِ شاعرن جي قومي ۽ انقلابي شاعريءَ جو بلند آواز بڻجڻ. کاٻي ڌر جي انصاف پسند ٽولن جو پئدا ٿيڻ، شاگردن ۽ ادبي لکڻين ذريعي قومي سجاڳيءَ جا ڪيترائي ڪتاب کلي پيا، آزادي ۽ انصاف جي حاصلات، غلامي ۽ ڏاڍ جبر جي خاتمي لاءِ تحريڪن جنم ورتو. عالمن علمي عقلي ڪتاب، مضمون، ڪالم، ڪهاڻيون، ڊرامه ، ناٽڪ، رسالا، ٽيبلو به پيش ڪيا ته راڳي فقيرن، ڪاپڙي، جوڳي، آديسي ۽ لاهوتي بڻجي سنڌ جي جهر جهنگ ۾ راڳ جون آلاپون ڪيون. آزاديءَ جا عاشق، انقلابي، اڳواڻ، ڪارڪن ۽ استاد ميدان ملهائيندا رهيا آهن، چار مارچ جي جدوجهد ان دور جي نوجوانن جي انقلابي ويڙهاند آهي ۽ ان ويڙهاند ۾ سنڌ جي سڀني طبقن شرڪت ضرور ڪئي. ون يونٽ تي صحيحون ڪندڙن معافيون وٺي اينٽي ون يونٽ فرنٽ ۾ شموليت ڪئي. پاڪستان ٺاهيندڙن به غلطيءَ جو اعتراف ڪندي اينٽي ون يونٽ تحريڪ ۾ شرڪت ڪئي. پير فقير ڀوتار به ان تحريڪ جوحصو بڻيا. نوجوانن جي ان تحريڪ جو جلسو ٿيو ته ان ۾ مخدوم طالب الموليٰ، غلام مصطفيٰ جتوئي، سائين جي ايم سيد ۽ عبدالحميد جتوئي جهڙا ماڻهو به شامل ٿي ويا. رڳو ون يونٽ جو خاتمو نه بلڪه مظلوم ۽ محڪوم قومن جي تاريخي حيثيت ۽ انهن جا سمورا حق تسليم ڪرائڻا هئا. ون يونٽ جي تحريڪ دوران ئي شاهه لطيف ۽ سچل سائينءَ جي شاعري انقلابي نظرئي سان پڙهي ۽ سمجهي وئي جنهن بعد عبدالڪريم گدائي، شيخ اياز، استاد بخاري ، تاجل بيوس، سرويچ سجاولي، محمد خان مجيدي، ابراهيم منشي، غلام نبي مغل ۽ ٻيا ڪيترائي شاعر اديب انقلابي سوچ ڦهلائيندا رهيا. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، سائين جي ايم سيد، ڄام ساقي، ايڊوڪيٽ رسول بخش پليجو ، عبدالواحد آريسر، سائين ابراهيم جويو، رشيد ڀٽي، تنوير عباسي، حميد سنڌي، طارق اشرف، شمشيرالحيدري ۽ ٻيا ڪيترائي عالم اديب ۽ شاعر ان سنڌيت جي جدوجهد ۾ شريڪ ٿيا. شهيد الله بخش سومرو، شهيد سورهيه بادشاه ، شهيد روپلو ڪولهي، شهيد هيمون ڪالاڻي ، شهيد شاه عنايت لانگاهه ، خليفو نبي بخش قاسم، شهيد دولهه دريا خان، شهيد دودو سومرو، نگر ۽ ڀونگر سومرو، مخدوم بلاول شهيد جي بلاولي فوج ۽ ان جا اڳواڻ ، ڄام نظام دين سمون، اهي سمورا سنڌ جي تاريخ جا انمول هيرا آهن، جن جون تحريڪون شهادتون باغي شاعري ۽ سچا خيال سنڌيت جي پرچار جا سگهارا ڪردار ٿي گذريا آهن. اڄ جا سمورا قلمڪار انهن ماضيءَ جي ڪردارن جا پنهنجي لکڻين ۾ حوالا ڏين ٿا، سنڌ جي پرچار هر دور ۾ ٿيندي رهي آهي. پورچو گيزن، يونانين، ساسانين، عربن، افغانين، ارغون ترخان ۽ انگريزن جي سمورن حملن، قبضن لٽ ڦر ۽ ناانصافين خلاف سنڌ ۾ سنڌيت جي پرچار ٿيندي رهي آهي. اڄ به سنڌ جا لکين ماڻهو چوٿين مارچ جي تحريڪ کي ياد ڪندي اتساهه ۽ ويساهه وٺن ٿا.
مسعود نوراني ، ڪامل راڄپر، اعجاز قريشي، عبدالحئي پليجو ، علي محمد ڏاهري ، محمد حسين ترڪ ، آغا تاج محمد ، حسن علي عبدالرحمٰن ، عبدالباقي شيخ ، نواب يوسف ٽالپور، مجيب پيرزادو ، غلام نبي مغل ، مهر حسين شاهه ، خواجه سڪندر علي، غلام محمد ڀرڳڙي ، قادر نواز قريشي ، نواز علي ڀٽو ، ميڊم مهتاب چنه ، غلام علي الانا ، غلام علي چوهاڻ، قاضي خضر حيات ، نور محمد کهڙو ، اڪبر ميمڻ ، سعيد راشدي ، عثمان ڪيريو ، عثمان چانهيو، عبدالرحمٰن پيرزادو ، غلام مرتضيٰ ڀرڳڙي، رشيد ميمڻ ، شوڪت انصاري ، صديق ميمڻ ، جميل آفتاب ، آغا زاهد ، سليم سنجراڻي ، قربان پنهور ، چانگو مل ، اشفاق صفي ، ظفر، سڪندر پٺاڻ ، شڪور ميمڻ ، مسعود پيرزادو، رياض حميداڻي ، لالا قادر ، قمر ڀٽي ، سڪندر عباسي ، جهانگير شيخ ، رحيم سهتو، صالح شيخ ، شڪور دائود پوٽو ، علي اڪبر بروهي ، عمر ڀٽي ، اصغر شاهه ، رياض آرائين ، انور ميمڻ ، سڪندر پٺاڻ ، ظفر شورو ، چوڌري نواز ، عثمان ڪنڀر ، نيڪ محمد شيخ ، قادر سومرو ، مير امداد ، نظير عرساڻي علي احمد نظاماڻي ، سڪندر پانڌياڻي ، عبدالڪريم انصاري ، اڪبر شاهه ، اصغر شاهه ، خليل بچاڻي ، اشفاق ميمڻ ، منور ميمڻ ، يوسف علي مرزا ، محبوب انصاري ، رياض خميساڻي ، لالا شبير خان ، حسين ابڙيجو ، خادم حسين بلوچ ، حسين شاهه بخاري ، محمد خان ساريجو ، محمد علي مرزا ، لطيف سومرو ، تاج محمد سولنگي ، ستار بارڪزئي ، سيف الله صديقي ، نديم ، عنايت ڪشميري ، هدايت الله ، انور نوراني ، غلام محمد بلوچ ، صالح شيخ ، شجاءُ ڀنڀرو ، عبدالله بخاري ، اهي سڀئي نوجوان ماما يوسف لغاريءَ جا ساٿي ۽ چوٿين مارچ 1967ع جي تحريڪ جا محرڪ هئا .
عدالتن ۾ وڪيل محمد ميمڻ ، حميد سنڌي ، رسول بخش پليجو ، امان الله عباسي ، غلام حيدر ميمڻ ۽ محمد عثمان مفت ۾ ڪيس لوڙيا ۽ هر قسم جي تحريڪ کي مدد ڪيائون. 207 شاگردن جون ڪيس وڙهي کين جيلن مان آجو ڪيائون.
مقابلي ۾ صدر ايوب خان ، گورنر جنرل رٽائرڊ موسيٰ خان ، ڪشمنر حيدرآباد مسرور حسن ۽ ان جي سموري مشينري ڊي سي، ايس پي ۽ اهلڪار ، رينجرس، فردوس عالم ، اسحاق شمي ، احمد قريشي ، سعالين ، انصار حيدر، ممتاز جنيدي، طاهر حسين ، شاهنواز خان ، پرويز احمد شيخ ، فخردين ڪيفي ، عارف ڪزلباش ، رفاقت ، ڪامل عابد رضي، سعيد بيگ ، رشيد احمد ۽ ناز اختر هي سمورا غير سنڌي ۽ محمد صالح قريشي سنڌي رياستي جبر طرف بيٺل هئا .
احتجاجي جلوس ۽ جلسن جو رواج وڌو ويو. سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جون ايجنڊائون تحريڪ جي جدوجهد ۾ شامل ڪيون ويون، ون يونٽ خلاف آواز بلند ڪيو ويو.
عبدالحميد جتوئي، محمد عرس سمون، ٽنڊي ولي محمد وارو ، محمد صديق ميمڻ الحجاز گڊس ٽرانسپورٽ وارو، شاگردن جا ضمانتي بڻيا پر گهڻي کان گهڻا شاگرد حاجي نجم دين سريوال جي ضمانت تي آزاد ٿيا.
شاگرد سڪندر پٺاڻ طرفان ڪمشنر مسرور حسن خان ، علمدار رضا ڊپٽي ڪمشنر ، ايس پي قاضي اعظم خان ، ڊي آءِ جي علي اڪبر عباسي ڊي ايم ۽ ڇهه سئو پوليس اهلڪارن تي پنهنجن اختيارن کي اورانگهڻ جي الزام ۾ وڪيلن جي سهڪار سان ڪيس داخل ڪرايو ويو.
تعليمي ادارن جي اڳواڻن ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ، ڊاڪٽر اي ڪيو افغان ، مسز شمس عباسي، پڻ شاگرن جي تحريڪ ۾ مدد ڪئي. امداد علي شاهه ڄاموٽ ۽ حاڪم علي شاهه بخاري پڻ مددگارن ۾ شامل هئا. سنڌي اخبارن جي ايڊيٽرن شيخ علي محمد ، سردار علي شاهه ، عبدالغفور سيتائي ۽ ڪريم بخش دل اخبارن جي ليکن ذريعي تحريڪ جي حمايت ڪئي.“ پاڻ ئي ايندم هوت پر آئون ڪجهه اڳڀري ٿيان ” شاهه سائينءَ جي سٽ جيان ماما يوسف لغاري اڪيلو تحرڪ ۾ آيو ته هزارين ساٿي کيس مدد لاءِ مليا ۽ ون يونٽ خلاف زبردست عوامي جدوجهد شروع ٿي ۽ حاڪمن کي 1969ع ۾ ون يونٽ ختم ڪري صوبائي حڪومتون بحال ڪرڻيون پيون. اهڙيءَ طرح 1970ع جي اليڪشن جي نتيجن بعد 1971ع ۾ بنگال کي بنگلاديش بڻايو ويو.
جڏهن اڪثريت ڌار ٿي وئي ته اسين سنڌي پنجابي اڪثريت وٽ ڦاسي پيا آهيون. اسين اسلامي سوشل ازم جي ڪوڙي نعري جي دوکي ۾ سنڌيت وڃائي ويٺا آهيون. اسين وري به عالمي سازش تحت وڏيرا شاهيءَ جي سنگهرن ۾ قابو ڪيا ويا آهيون. چوٿين مارچ 1967ع واري جدوجهد کي چڱي طرح سمجهڻ جي ضرورت آهي. اڄ جي حالتن کي سمجهڻو آهي، غريب عوام منجهه جيئڻ جواُتساهه ۽ ويساهه پئدا ڪرڻ واريون حڪمت عمليون جوڙڻيون پونديون. هن وقت به ٻوليءَ جو اشو جيئن جو تيئن موجود آهي، بيروزگاريءَ مهنگائيءَ سبب خودڪشيون ٿي رهيون آهن. اسان جا تاريخي ورثا ۽ وسيلا تين وال ٿي رهيا آهن. اسان کي سڄڻن جو ساٿ ڏيڻو پوندو ۽ سڄڻن کان ساٿ وٺڻوپوندو . اسان کي ڪرپٽ معاشري کان انڪار ڪرڻو پوندو ۽ سچ جي واٽ وٺڻي پوندي.
ذڪر ڪيل اسان جا وڏا اڪثر راهه رباني وٺي چڪا آهن هڪ ڏينهن اسان به نه هونداسين ان ڪري نوجوانن جي همٿ افزائي به ڪرڻي پوندي ، پورهيتن سان سچو پيار به ڪرڻو پوندو، ۽ پنهنجن کي سمجهائڻ جا سمورا جتن به ڪرڻا پوندا. ساڃاهه وند اديب شاعر، دانشور ، سول سوسائٽي ، مڊل ڪلاس جو ماڻهو رعايتن جي حاصلات لاءِ سنڌيت ويساري ويٺو آهي يا سنڌ جي ئي نالي تي رعايتون حاصل ڪري ٿو. سچ کان ڪوهين پري بيٺلن کي ويجهو وڃي سمجهائڻو پوندو. ضميرن جو وڪرو بند نه ڪرائينداسين ته وجود وڃائي ويهنداسين، سچ جا سندرا ٻڌڻا پوندا، انقلابن جو پورهيو عقلمنديءَ ۽ همٿن سان ڪرڻو پوندو، پوءِ يقينن غلامين جون سنگهرون ٽوڙي سگهنداسين.