ڪاروبار ڪندڙ فوج جنگ ۾ ڪهڙا جوهر ڏيکاريندي؟

تحرير: اعزاز سيد

اعزاز سيد ؛ پاڪستان ۾ ملٽري بزنس جو معاملو ڪڏھن کان شروع ٿيو ؟

عائشھ صديقھ ؛پھرين تھ اھو سمجھڻ جي ضرورت آھي تھ پاڪستان ۾ ملٽري طاقت ۾ ڪڏھن آئي؟ 1959 ۾ پھريون ڀيرو انڊيجنيئس آفيسر ڪيڊر متعارف ٿيو، ان کان اڳ جنرل آڪلينڊ ھو ۽ٻيا انگريز فوج ھلائيندا ھئا. گھڻو ڪري 60 ۾ آخري انگريزي آفيسر ختم ٿيو.جنرل ايوب خان پھريون آرمي چيف ھو جيڪو مقامي ھو.سو اڳيان وڌيو. قانون جي ابتڙ 1951 ۾ ليجسليٽون اسيمبلي جي جيڪا ڪابينا جڙي،

جنرل ايوب خان ان ۾ وزيردفاع ٿيو.ھن جي اھا ڪوشش ھئي،جنھن جو اشارو ايوب کھڙي جي ڪتاب ۾ بھ ملي ٿو تھ فوج پنھنجي معاملن ۾ سويلين کي دخل ڏيڻ نھ ڏيندي ھئي.جيڪڏھن  ھٿيارن جي خريداري ۽ وڪري جي ڳالھه ھوندي ھئي تھ ھو چاھيندا ھئا تھ اھا دفاع جي وزارت ڪري،جيڪا ان وقت ننڊي ھئي.ان وقت ٽي آزاد  سروسز ھيون، ھڪ ڪمانڊر آرمي،ڪمانڊر نيوي ۽ ڪمانڊر ايئر فورس ھئا.اھا 1956 ۾ رائل ملٽري ھوندي ھئي.بلڪھ ان بعد 1958 ۾ جڏھن پھريون آئين آيو تھ ان ۾ رائل جو نالو ختم ڪيو ويو.

سو ان وقت ائين ٿيو تھ برطانيا جو ھندستان ۽ پاڪستاني گڏيل فوج جو جيڪو فنڊ ھيو.اھو فنڊ ٻنھي ملڪن کي ڏنو. ھندستان تھ اھو فنڊ پنھنجي فوج ۾ورھائي ڇڏيو، پاڪستان جي ملٽري اھو سوچيو تھ، تڏھن اسان وٽ ڪا وڏي بزنس ڪميونٽي نھ ھئي.ان ائين ڪرڻ بدران 1950 ۾ پھريون ادارو فوجي فائونڊيشن جڙيو، اھا پھريون تجربو ھو.اتان کان بزنس شروع ٿيو.ھنن چيو تھ اسين ترقي ۾ حصو داخل ڪنداسين، ان بعد ھنن ڪافي تڪڙو پنھنجو رول وڌايو.

تاريخي طور ڏسجي تھ ان وقت ھڪ ٻيو ڪم بھ ٿي رھيو ھو تھ 1950  جي آخر ۾ پاڪستان، سيٽو( سائوٿ ايسٽ ايشيا ٽريٽي آرگنائزيشن ) ۽سنٽرل ٽريٽي آرگنائزيشن ٻنھي  ملٽري الائنس ۾ داخل ٿيو.ائين اھو ادارو سگھارو ٿيڻ لڳو ۽ ان جي مقابلي ۾ سياسي اداروڪمزور ھو.جيڪو ان وقت اوڀر ۽ اولھه پاڪستان جي توازن واري وڏي جھيڙي ۾ رڌل ھو.سموري سياسي طاقت اوڀرين ونگ ۾ ھئي ۽ آبادي اوڀرين ونگ ۾ ھئي. جڏھن پھرين ليجسليٽو اسيمبلي ۾ 55 ميمبر اوڀر پاڪستان جا ھئا ۽ 22 پنجاب مان ھئا.14 يا 15 سنڌ مان ھئا.بلوچستان جو انگ ياد ناھي، ان دور ۾ ئي اسان فوج موڪلي پرنسلي قلات رياست تي قبضو ڪيو.اھڙي طرح 1948 ۾ انڊيجينس فوجين ھڪ پلان ڪري قبائلين سان گڏجي ڪري ڪشمير فتح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.جنرل آڪلينڊ چيو تھ اھو نھ ڪيو وڃي.

اھو تاريخ پس منظر آھي،جنھن سان فوجي شروع ۾ ئي پنھنجي طاقت سگھاري ڪري ورتي.ان سان گڏ جن سرگرمين کي ويلفيئر جو نالو ڏنو ويو آھي، ان موجب اوڀر پاڪستان ۾ بھ انڊسٽريز لڳايون ويون.اولهھ پاڪستان ۾ بھ پھرين جوٽ جون فئڪٽريون لڳايون ويون،ٽيڪسٽائل ۾ بھ لڳايون ويون.

1958 ۾ ايوب خان جي حڪومت سول ملٽري مارشل لاءِ جي نتيجي ۾ ايوب خان آيو.62 ۾ آئين جڙيو. 60 جو اھو دور آھي جنھن ۾ پاڪستاني بزنس وڌايو ويو.وڏن گروپن کي سرڪاري قرض ڏئي ڪري ترقي ڏني وئي. 60 ۾ ڪوريا ۽ ويٽنام ۾ جنگ ٿي رھي ھئي.تڏھن آمريڪا کي جوٽ جي گھرج ھئي، ان سان ملڪ جو ايڪسپورٽ جو پئسو خاص ڪري ملي ويو.ان ۾ ملٽري الائنس ۽ ايڪسپورٽ جي آيل رقم جا انگ اکر تمام بھترين ھئا.انھن پئسن مان انڊسٽري وڌي. اسان جي انڊسٽري پراڊڪٽو ھئڻ جي بدران سرڪار تي ڀاڙيندڙ آھي.يعني ڪجھه ملي تھ اھو ھلي . ان ماحول ۾ انھن بھ پنھنجي بزنس کي وڌايو ۽ فائدو ورتو.اڳتي وڌجي ٿو  1971 ۾ ٻي ملٽري فائونڊيشن قائم ٿي،جڏھن ان وقت جنگ ھارائي رھيا ھئاسين تھ ان جي آخري مھينن ۾ آرمي ويلفئير ٽرسٽ جڙي پوءِ 1980 ۾ ائير فورس پنھنجي شاھين فائونڊيشن بڻائي.پوءِ نيوي پنھنجي بحريھ فائونڊيشن بڻائي.

ھاڻي ٻئي پاسي ڏسو ٿا تھ جڏھن ٻاھران آيل ھڪ ڪالونيل فوج ھئي،جنھن جو قانون ھو. ان موجب انھن کي ھڪ ڪميونٽي جوڙڻي ھئي.1875 ۾ جيڪا آزادي جي جنگ ٿي ھئي. ان ۾ مدراس پريزيڊنسي،بمبئي پريزيڊنسي ۽ بنگال پريزيدنسي جي فوج وڙھي ھئي.انھن جي فوج ھئي جيڪا ان بغاوت ۾ شامل ھئي.

ان بعد نئون علائقو پنجاب،ناردن پنجاب چونڊيو ويو.جنھن سان شامل پشاور ويلي (وادي پشاور )۽ ان جا ڪجھه علائقا ھئا. اتي جي لاءِ انھن اڪيوزيشن لينڊ آف انڊيا ايڪٽ 1900 آيو ھو. ان موجب جيڪا بھ نئين زمين نڪرندي يا آباد ٿيندي ان جو 10 سيڪڙو حصو فوج کي ملندو آھي.آئيڊيا اھو ھو تھ زمين ڏئي ڪري ھڪ وفادار ڪميونٽي کنئي وڃي جيڪا فوج ۾ اچي.جڏھن ملڪ جڙي ويو تھ اھو قانون ختم ٿيڻ گھرجي پر اڄ تائين بھ اھو سلسلو جاري آھي.اھو پس منظر ۽ ماحول ھو جنھن ۾ ملٽري بزنس وڌيو ويجھيو آھي.

70 جو اھو واحد دور آھي جڏھن ڀٽي صاحب جي وقت ۾ ان بزنس کي بريڪ لڳو.پوءِ 80 جي مارشل لا اچي ٿي جنھن ۾ ضياءَ جي زماني ۾ کاتو اڃان بھ کلي ويو،شھرن ۾ ھائوسنگ اسڪيمز،نيشنل لائجسٽڪ سيل،فرنٽيئر ورڪس آرگنائزيشن جھڙا بزنس وڌيا.اھي ادارا ان دور ۾ ٺھيا.ان بعد ھڪ ٻي مارشل لا آئي.

وچ واري مدي ۾ جيڪي بھ سول حڪومتون آيون انھن ان ڪاروبار کي روڪڻ جي ڪوشش نھ ڪئي. مرحوم سرتاج عزيز مونکي انٽرويو ۾ ايمانداري سان ٻڌايو ھو تھ سڀ حڪومتون انھن کي خوش رکن ٿيون.جڏھن مان 2007 ۾ لکندي ھئيس تڏھن اھو اندازو ھو تھ اھو 20 بلين ڊالر جو بزنس ھوندو ھاڻي تھ اھو وڌي چڪو آھي.2007 ۽ 2017 وچ ۾ گھڻو ڪري ھر وڏي شھر ۾ ڊي ايڇ ايز آھن.انھن جا آپريشنز بھ وڌيا آھن. ايف ڊبليو او ٽول پلازا تان ٽيڪس بھ اوڳاڙي ٿي.جنھن جو ڪو حساب ڪتاب ناھي. اھو ادارو پوليس کي بھ اھا جاچ ڪرڻ نٿو ڏئي تھ ٽريفڪ ڪيتري گذري ٿي.سو جڏھن رڪارڊ لڪيل ھوندو تھ ان جو اصل ڪاٿي جي خبر نھ پوندي.

اعزاز سيد سوال ڪيو تھ جنرل عاصم منير تازو چيو آھي تھ پاڪستان ملٽري ٽيڪس ڏئي ٿي، جئين اوھان فوجي فائونڊيشن جي تاريخ 58 کان شروع ڪئي تھ ، ٽيڪس آرمي ڪئين ڏيندي ھئي ۽ ان جو موجودھ اسٽيٽس ڇا آھي ؟ ان جو جواب ڏيندي عائشھ صديقھ چيو تھ دلچسپ ڳالھھ ھي آھي تھ جڏھن انھن تي پھريون ٽيڪس لڳو ھو سو نوازشريف حڪومت لڳايوھو،

وري ان کان وڌيڪ دلچسپ ڳالھھ اھا آھي تھ نوازشريف جي پارٽي پاڻ ان عمل کي اون نٿي ڪري.ٿيو ائين جو 90 ۾ نواز شريف جي پھرين حڪومت ٽيڪس لڳايو ھو.97 ۾ ھن جي ٻي حڪومت ان وقت بھ انھن کي پوئتي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

اسحاق ڊار ھنن کي مشورو ڏنو ھو تھ آرمي ويلفئر ۽ فوجي فائونڊيشن کي ضم ڪري ڇڏيو.گھڻيون فائونڊيشن نھ ھجن.پر ڳالھھ نھ مڃي وئي.ٻي ڳالھھ ھي آھي تھ جيڪي ٽيڪس لڳايا ويا ھئا. اھي عمران خان حڪومت آخري ڏينھن ۾ فوجي ڪمپنين ٽيڪسن ۾ ڇوٽ ڏني وئي.اھي سمورين پروجيڪٽس تي ٽيڪس نٿا ڏين. ڪجھه والنٽيئر بنيادن تي ڏين ٿا. ان ۾ ڪا چٽائي نھ آھي.ڪنھن آزاد ۽ سٺي آڊٽ ڪمپني کان آڊٽ ڪرائڻ تي ان جو پتو پئجي سگھي ٿو.

سوال جيڪي ملٽري ڪائونٽس ۾  انھن جا اڪائونٽس آھن،انھن تي بھ ٽيڪس جو پورشن ھوندو آھي يا نھ ؟  جئين توھان چئو ٿا تھ ڪجھه نھ ڪجھھ ٽيڪس اھي ڏين ٿا پر اھو چٽو ناھي تھ اھي گھٽ ڏين ٿا يا وڌيڪ ڏين ٿا ؟

جواب ۾ عائشھ صديقھ جو چوڻ ھو تھ انھن جا بزنس آڊٽ نھ ٿيندا  آھن،جن قانون تحت انھن کي رجسٽر ڪيو ويو آھي.مشرف دور جي پارليامينٽ گوڙ ڪيو ھو تھ جنرل محمد امجد جيڪو نئيب جو پھريون چيئرمين ٿيوھو، ان کي سمن ڪيو ويو ھو تھ فوجي فائونڊيشن جو حساب ڏئي.ھو ان وقت فوجي فائونڊيشن جو ڊائريڪٽر جنرل ھو،پر ھن انڪار ڪري ڇڏيو ھو.ملٽري اڪائونٽس ۾ جيڪي ملٽري ڊيفنس جي رقم اچي ٿي،ان ۾ ھڪ سرڪاري اداري جيان انھن جي پگھاروغيرا ھوندي آھي،ان تي ٽيڪس ڪٽبو آھي.

1985 ۾ جنرل ضيا جي پاران جوڙيل محمد خان جوڻيجو جي پارليامينٽ ۾ ايترو دم ضرور ھو تھ ان ۾ ڊيفنس بجيٽ تي ڳالھھ  ٿي ھئي.ايتري تائين جو جنرل ضيا کي بيان ڏيڻو پيو ھو تھ، اسان گاھ سان انڊيا جو مقابلو نٿا ڪري سگھون.ان ڪري مقابلي موجب شيون کپن ٿيون.ان وقت ۾ پبلڪ اڪئونٽس ڪميٽي جو چيئرمين محمد علي شاھ ھو،جنھن حڪم ڏنو ھو تھ ڊفنس آڊٽ ڊفينس بجيٽ جو جدا ھئڻ گھرجي.اھو جدا ادارو ھجي ان جو کليل طرح سان آڊٽ ٿيڻ گھرجي.اھو بھ ان آڊٽ جي اندر تي نھ       ٺھيو ھو، پر نوڪرشاھي جو جاري ڪيل  اھو حڪم واپس نھ ٿيو ۽ ان بعد 6 يا 7 سالن بعد جدا آڊٽ جنرل پرچيز  ٺھيو.ان 10 سال ڪم ڪيو ان کي ڪم ڪرڻ نھ ڏنو ويو آخر ڪار ان کي بند ڪيو ويو.اسان وٽ پرفارمنس آڊت نٿي ٿئي،آمريڪا ۾ بھ آڊٽ جو سسٽم آھي.پر اسان وٽ اھڙو سسٽم نھ آھي.

سوال، ملٽري وارا چون ٿا تھ اسان وٽ ڪمزور معيشت آھي،اھي چون ٿا تھ پاڪستان آرمي واحد آرمي ناھي جيڪا بزنس ڪري ٿي ؟ دنيا جي ڪھڙا ڪھڙا ملڪ آھن جتي ملٽري بزنس ڪري ٿي ؟

ان سوال جو جواب ڏيندي،عائشھ صديقھ چيو تھ مون پنھنجي ڪتاب ۾ جيڪو لکيو آھي، ان ۾ مون 6 ماڊل ڪيا آھن،جنھن ۾ آمريڪا کان ويندي آفريڪا ۽ افغانستان تائين ماڊل آھن،ڳالھھ ھي آھي تھ جتي سياسي سسٽم سگھارو آھي جئين آمريڪا، برطانيا ۽جرمني آھي.اتي ملٽري ڪمپنيون گھڻو ڪري پرائويٽ بزنس ۾ آھن،جيئن بليڪ واٽر آھي جيڪا بدنامھ زمانا آھي، اھا اسان وٽ بھ بدنام ٿي ھئي.اھي ڪمپنيون آھن جيڪي سيڪيورٽي سيل ڪن ٿيون. انھن کي اوھان آفريڪا ۾ وڃي ڪري جنگون ڪرائي سگھو ٿا.

افغانستان ۾ بھ نجي ڪمپنيون ڪانٽريڪٽر طور ڪم ڪري رھيون ھيون.رمنڊ ڊيوس بھ اسان وٽ آيو ھو، شايد ياد ھجي. اھي فوج جي اندر رھي ڪري نھ پر ٻاھر رھي ڪري ڪم ڪن ٿا.ان ۾ بھ مسئلا  ٿيندا آھن،مثال طور ھڪ فوجي آھي ان تي حڪومت پئسا لڳائي ڪري ان کي ٽرينڊ ڪيو.اھو فوج مان جلدي رٽائرمينٽ حاصل ڪري ھڪ نجي ڪمپني ۾ شامل ٿي ويو.ان سان ملڪ جو تھ نقصان ٿيو.پر پاڪستان جو مقابلو ترڪي،ميانمار ،ٿائيلينڊ سان ڪري سگھجي ٿو. ھڪ وقت ۾ چين 1997 ۾ چين ۽ انڊونيشا ۾ گھڻو ھو.بعد ۾ جڏھن بحران ٿيو تھ انڊونيشيا فوج کي بزنس مان ڪڊي ڇڏيو.سو اسان جو جن ملڪن سان مقابلو آھي اھي ڪي بھتر مثال نھ آھن.ترڪي ماڊل ۾ فرق ھو، اتي اھي پينشن فنڊ جي سيڙپ ڪندا ھئا.

اسان جو ماڊل ترڪي ۽ پراڻي انڊونيشا جي ماڊل جي وچ وارو آھي.فوجي پاڻ بھ ڪاوربار ڪن ٿا،جيئن ايف ڊبليو او وغيرا ۽ اسان وٽ پينشن جي بھ سيڙپڪار ٿيندي آھي.اھو ماڊل خود فوج جي لاءِ مسئلا پئدا ڪري ٿي.ھڪ تھ اھو پروفيشنلزم کي ڪمزور ڪري ٿي.ان ڪري ظاھر طور تي جيڪو ميرٽ جو سسٽم آھي، ان سان باس کي مضبوط ڪرڻ بدران باس کي ڪمزور ڪري ٿو.ان ڪري جو ان کي حقيقيت کان پري ڪري جيڪو ھن کي پسند آھي اھو ٻڌايو وڃي ٿو.اڪثر ائين ٿيندو آھي.ٻيو ھي تھ ھڪ ايتري سياسي طور مضبوط فوج بزنس ۾ اچي ٿي تھ اھا پرائويٽ بزنس ڪمپنين کي ڪريڪ ڊائون ڪري ٿي.ان ڪري فوج سان ڪو مقابلو نٿو ڪري سگھي.

منھنجو پھريون ڪتاب پروڪيورمينٽ تي ھو.جنھن ۾ ان جي ڊيفس پروڊڪشن کي بھ ڏٺو ھو.ھٿيار خريد ڪيا ھئا انھن کي بھ ڏٺوھو.اندازو ٿيو تھ انھن جي اسٽيميٽ جي ڪاسٽ بلڪل مختلف آھي. مثال ھڪ عام اشتھار ڪمپني آھي،ٻي فوجي اشتھاري ڪمپني آھي. عام ايجنسي چئي ٿي تھ اھا اشتھار جا سئو رپيا وٺندي، اھو ئي ڪم فوجي اشتھار ڪمپني ويھن رپين ۾ ڪري ٿي،ڇاڪاڻ جو اھا بجلي،محنت ۽ٻين مدن ۾ آيل خرچ نٿي ساري.

اھڙي ريت اھي ننڍا ننڍا جھيڙا ھلندا رھن ٿا. مثال طور انھن جي سيمينٽ يا انھن جي ڀاڻ فئڪٽرين کي گئس جي سپلاءِ آھي اھا نجي ڪمپنين کان وڌيڪ بھتر آھي.پر انھن سامھون ڪو نٿو اچي.ڇاڪاڻ جو انھن وٽ ھڪ سگھاري سياسي قوت آھي،

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.