جيڪڏهن سياست رياست ۽ عوام جي بهتريءَ لاءِ ڪرڻي آھي ته پوءِ اختلاف به اصلاحي ۽ وقتائتو هجڻ کپي،بجاءِ ذاتي مفادن جي.ذاتي انائون ۽ مفاد قربان ڪرڻا پوندا آھن اجتماعي مقصدن ۽ مفادن آڏو.سمجهدار سماجن جي بالغ قيادتن جي تقاضا اها ناهي هوندي ته هو اجتماعي،قومي،رياستي ۽ عوامي توڙي جمهوري قدرن آڏو پنهنجي انائن خاطر پنهنجي ننڍڙن ذاتي مقصدن خاطر اجتماعي مقصدن کي پٺي ڏين.اسان جي ملڪ جي سياسي قيادتن وٽ گهڻي ڀاڱي پنهنجي ذاتيات کي ترجيح ڏيڻ سبب ئي هي جيڪو سياسي غير يقينيءَ وارو عدم استحڪام پيدا ٿيو آھي سو سلجهائڻ ڏاڍو ڏکيو پيو نظر اچي.!!
سوال اهو آھي ته ملڪي سياست جتي اختلاف سبب ۽ ذاتي مفادن کان وٺي انائن خاطر ٿئي ته پوءِ ملڪي معاملن جو ڇا ٿيندو؟ملڪ جي معاشي بحرانن جو جڏهن حل سياسي استحڪام سان ڀيٽيو وڃي ته پوءِ ڇا ڪجي؟جڏهن اليڪشن منشورن تحت عام چونڊون ٿين ۽ سياسي رساڪشي يا ڇڪتاڻ وقتي ٿئي به ته پوءِ کٽڻ ۽ هارائڻ بعد ٿيڻ ڇا کپي؟اهڙا مٿي ڏنل سوال ۽ کوڙ ٻيا سوال جنم وٺي هتي سامھون اچن ٿا ته ان سموري صورتحال اندر ٿيڻ ڇا کپي واري ڳالھه وقت جو حل گهري ٿي.
هن وقت جڏهن اليڪشن ٿيڻ بعد اسان جي ملڪ جو پارلياماني نظام پنهنجي جوڙ جڪ واري پاسي تيزيءَ سان روان دوان آھي ته اسان جي قومي سياسي قيادتن کي اجايا ويڇا يا اختلاف ختم ڪري اڳتي وڌڻو پوندو.ڇوته ملڪ جون جيڪي سياسي توڙي معاشي حالتون آھن سي ملڪ جي اندروني معاملن کان ويندي بيروني گهرجن موجب ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان استحڪام جي گهر ڪري رهيون آھن.جنهن ۾ اسان جي ملڪ جو معاشي طور اڳتي نڪري اچڻ ضروري ٿي پيو آھي.اهو ٿيندو ڪيئن سو به هن وقت جو اهم سوال ٿي سامهون اڀري آيو آھي؟
تمام مسئلن جو حل اسان جي سياسي استحڪام ۾ لڪل پڻ نظر اچي ٿو. جيڪڏهن ايئن ئي آھي ته پوءِ ملڪ جي سڀني بالغ سياسي ڌرين يا قيادتن کان گهر ٿو ڪري ته حڪومت ۾ آيل پارٽين کي جمهوري ۽ پالياماني اصولن موجب حڪومت ڪرڻ ڏني وڃي.ٻي پاسي ملڪ جي حڪمران ڌر کي کپي ته قومي تقاضا ۽ عوامي مينڊيٽ جي مليل احترام جو خيال رکندي بجاءِ سياسي انتقام جي پنهنجي پارلياماني مخالف ڌرين کي مليل استحقاق موجب ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي.ملڪ جون سياسي توڙي معاشي حالتون انتهائي ڏکيون آھن جنهن جي ڪري اسان جي رياست جا ادارا به ۽ رياستي ادارن جا سربراھ پنهنجي عوام وٽ پنهنجو اعتماد،اختيار ۽ ساک ڄڻ ته وڃائيندا پيا وڃن.!!
ايئن ۽ اهڙي صورتحال ۾ اوهان جي رياست عالمي پس منظر ۾ پنهنجو پنهنجو وقار جيڪو رکڻ جي سگھ رکي سو متاثر ٿي پوي ته اسان کي سواءِ ڪنهن پڇتاءَ جي ٻيو رستو ئي ڪونهي.!!هن وقت عام اليڪشن ٿيڻ کان اڳ ۽ هاڻي به دنيا جا عالمي مالياتي ادارا ۽ عالمي اتحادي طاقتون ڪنهن بهتر نظر سان اسان کي ناهن ڏسي رهيا.هنن جا مطالبا ۽ مختلف بيان ايئن پيا محسوس ڪرائن ڄڻ ته اسان هنن عالمي مالياتي ادارن جي رحم وڪرم تي ويٺا هجون.
اهڙي صورتحال يا اڃا به ڳڻتي جهڙي حالت هجي ته پوءِ اسان جون سياسي قيادتون ڪهڙو رستو اختيار ڪنديون.؟
لازمي آھي ته سمجهدار سماجن جون باشعور قيادتون رياستي مفادن کان عوامي مفادن تائين توجھه ڏيڻ جي ضرورت محسوس ڪنديون.ڇو ته رياست ۽ رياست جا ادارا مضبوط هوندا ته قومي قيادتون ان کي ليڊ ڪنديون.هن وقت جي ملڪي،رياستي،قومي،عوامي،جمهوري ۽ پارلياماني گهرجن ۽ مفادن کي سامهون رکي قومي قيادتن کي پاڻ ۾گڏ ويهڻ کپي ته جيئن قومي مسئلن جو گڏيل ۽ يقيني حل تلاش ڪري سگهجي.
ان لاءِ سڀ کان پهريان حڪمران ڌرين کي کپي ته هو پنهنجي سامهون حزب اختلاف وارن ڏي پهل ڪري هليا وڃن ۽ هنن کي ملڪي ،عوامي،جمهوري ۽ ادارتي ڀلائيءَ خاطر گڏ ويهڻ ۽ هم آھنگيءَ سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي دعوت ڏين.ٻي صورت ۾ حزب اختلاف وارن کي به کپي ته قومي تقاضائن تحت حڪمران ڌر سان اجايا اختلاف ۽ اعتراض ختم ڪري رياست،عوام ۽ ادارن جي بهتريءَ لاءِ قدم اڳتي وڌائڻ کپي.هڪ مشاهدي ۽ اڀياس جي بنياد تي اهو چوڻ ۾ڪو حرج محسوس نه ٿيڻ کپي ته ملڪ جي هڪ ڊگهي عرصي کان وٺي سياسي،ادارتي توڙي عوامي مفادن سان مذاق برابر کيڏيو ويو آھي.ان ۾ قومي قيادت ڪنهن برابر شريڪ کان ڄڻ ته گهٽ ڪردار ادا ناهي ڪيو ته اهو تاريخ جو وڏو ڪوڙ هوندو.
دنيا جي باشعور سماجن جي ڏاهي قيادتن مسئلن جو حل وقت کان اڳ سوچڻ ڏاهپ جي نشاني طور سڃاتو ويندوآھي.پر وڏي افسوس سان هتي لکڻو ٿو پوي ته اسان وڏي قومي ،رياستي توڙي ادارتي هاڃن يا ٽڪرائن کانپوءِ به حل تلاش ڪرڻ هن وقت تائين سواليه نشان بڻيل آھي.جيڪڏهن ايئن هجي ها ته پوءِ هي ملڪ جا هيڏا وڏا بحران ته ملڪ هڪ وڏي معاشي بحران جو شڪار ٿي پيو آھي. جنهن جو به هڪ وڏو سبب ملڪ ۾ سياسي طور استحڪام نه هجڻ ٻڌايو پيو وڃي.
ان ڪري قومي مفادن ،رياستي مفادن،ادارتي مفادن جي تقاضا اها آھي ته ملڪ جا سڀئي ادارا گڏجي هڪ ٽيبل تي ويهي قومي مفادن جي بنياد تي ملڪ جي مسئلن جو مٿي بيان ڪيل حل ڪڍڻ تي زور ڏين.ٻي صورت ۾ هيءَ جيڪا پوري دنيا ۾ بي يقينيءَ جي لهر شروع ٿي آھي ۽ اسان جون حڪمران ڌريون توڙي حزب اختلاف واريون ڌريون ۽ قومي ادارن جا سربراھ شايد هن وقت تائين ان معاملي کي سمجهندي ڪنهن ادراڪ تي ناهن پهتا ته پوءِ کين ايندڙ مستقبل قريب ۾ ڪنهن وڏي پڇتاءَ کي منهن ڏيڻو پوندن.تنهن ڪري قومي سياست ۽ رياست جي ڀلائيءَ جو پروگرام کڻي هلندڙ زميوارن کي حالتن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ هڪ ٻئي سان اختلاف ختم ڪري هڪ ٿيڻو پوندو ته جيئن ڏکين حالتن جو ڪو حل ڳولهي عوامي ۽ ملڪي وقار کي بهتر کان بهتر ڪري سگهجي.