شهري پريشر گروهن جي سياست

تحرير: رياض ابڙو 

شروع کان ئي ڪراچي شهر مختلف سياسي جماعتن جي هٿ وس رهندو آيو آهي ۽ ڪنهن بيڪري جي ڪيڪ وانگي رهيو آهي، جيڪو هنن شهري پريشر گروهن پاڻ ۾ ورهائي ونڊي پئي کاڌو آ. هيل تائين وفاق به انهن سڀني سياسي جماعتن مثل پريشر گروهن جا هٿ کليل رکيا آهن، ته جيئن اهي هن شهر ۾ اهي سڀ ڪم ڪرائي سگهن ۽ ممڪن ڪري سگهن جيڪي ڪنهن ٻئي شهر ۾ ممڪن نه هوندا آهن. ڪڏهن اهي گروھ ڪوٽا سسٽم جي لاءِ وڙهندا رهيا آهن، ڪڏهن انهن کي صوبائي حڪومتون کپن ته ڪڏهن اهي صوبائي خودمختياري ۾ رهي به سڀ ڪجھه ڪري ويا. ڪڏهن جي ڊي اي جا اتحاد ڪري مشرف جي دور ۾ پاڻ ملهائي ۽ مڃائي ويا جو هيل به هنن کي ڪوڙي مينڊيٽ تي ڀاڙڻو پيو نه ته ڪير هنن کي ووٽ ئي نه ڪري ها. ڪنهن پارٽي جي پريس ڪانفرسن وانگي ته هنن پنهنجا اهي ٽارگيٽ ڪلر ۽ ويڙها پهرين ئي آزاد ڪرايا ها ته جيئن اهي ديده دليري ڪري پولنگ اسٽيشنن ۾ گهري بيلٽ باڪس ڀري سگهن. پر هنن کي پوءِ به شڪايت رهندي ايندي آهي مثال، جماعت اسلامي 1979 کان 2020 تائين انهن گذريل سالن ۾ 12 سال ميئرشپ ڪئي، جنهن ۾ عبدالستار افغاني هنن جو ميئر هوندو هيو، پهرين دفعو جماعت اسلامي جو ميئر جيڪو 9 نومبر 1979 کان وٺي 7 نومبر 1983 تائين رهيو ۽ ٻيو دفعو 7 نومبر 1983 کان وٺي 12 فيبروري 1987 تائين هيو. ان کانپوءِ نعمت الله خان جيڪو 14 آگسٽ 2001 کان وٺي 2005 تائين شهر جو ناظم (ميئر) رهيو. ايم ڪيو ايم جو 13 سال مسلسل شهر جو ميئر (ناظم) رهيو، پهريون ڀيرو فاروق ستار جيڪو 9 جنوري 1988 کان وٺي 27 جولاءِ 1992 تائين رهيو، ان کانپوءِ مصطفي ڪمال 17 آڪٽوبر 2005 کان وٺي 17 فيبروري 2010 تائين شهر جو ناظم (ميئر) رهيو، ۽ وسيم اختر 30 آگسٽ 2016 کان وٺي 2020 تائين ميئر رهيو (هن شخص جي خاص ڳالھه اها به هئي ته هي 12 مئي 2007 واري ڪلور ۾ عدالتن جي ڪيسن کي منهن ڏئي رهيو هيو ۽ هن شخص کي 100 خون به معاف ڪرائي جيل مان ڪڍرائي ميئرمقرر ڪيو ويو. ان ڪري جو هنن کي گورنرشپ وانگي هر ڀيري هڪ سيٽ گهربل هوندي آهي ته جيئن هي بجيٽون ميڙي کائي هليا وڃن.

ميونسپل، صوبائي يا ضلعي حڪومت هنن جي هٿ وس هجي ۽ پوءِ کائي کپائي ٽارگيٽ ڪلنگ ڪري ٽڙي پکڙي ملڪ ئي ڇڏي هليا ويندا آهن. جنهن ۾ هنن جا 2010 تائين جيڪي به اڳواڻ هيا اهي هاڻي منظرن تي ناهن ۽ هاڻي اهي ويٺا آهن جن کي 2010 کان اڳ ايم ڪيو ايم لفٽ نه ڪرائيندي هئي ۽ هاڻي به ڪوڙو ميڊيٽ ميڙي ماڻهن کي به چريو ڪري ويا. ان ڪري ته هنن تي حافظ صاحب جو خاص هٿ هيو ۽ بين الاقومي ايجنسيون هنن ۾ پنهنجون ڳوٽون ڦاسايون ويٺيون آهن. جيئن هاڻي هنن نون ليگ وٽ اهي ئي مطالبا رکيا اٿن، جيڪي هنن 2022 ۾ ضمير وڪڻي رکي هيا، جنهن ۾ هنن جي خلاف شهر ۾ بينر لڳي ويا هيا ته ”پنهنجو ضمير ڪيتري ۾ وڪڻڻ آيا آهيو“ پر هيل به هنن اها ئي ڳالھه ڪئي آهي ته نون ليگ به هنن جي اهو ڪندي جيڪو هنن ”چارٽر آفر ڊيموڪريسي“ واري ڳالھه ۾ ڪئي هئي، معني رڳو آسرو، جيڪا ڳالھه وري هاڻي به ساڀ نه پوندي، پر هاڻي ڏسون ته پيپلزپارٽي ڪهڙا رنگ ٿي ڏيکاري.

32 سال شهر جي ميئرشپ رکڻ وارا بنيادي افرا اسٽرڪچر صحيح ناهن ڪرائي سگهيا، اهي ان انتظار ۾ هوندا آهن ته رڳو مينهن جي ڦڙي پوي ته هنن جا ڏيڏر نما ٽي وي ميڊيا جا پاليل نمائندا وري روڊن تي ڪيمرا کڻي بيهندا آهن ته جيئن روڊ جي بارش واري بيٺل پاڻي پاسي ماڻهن کان پڇي سگهن ته هن ڀيري وفاقي يا صوبائي سرڪار ڪجھه ڪري سگهي يا نه ڪري سگهي؟. ان ڪري سموري ملڪ ۾ بارشون وسن، گوادر، سربندر، مالبند يا گوادر جي چوڌاري علائقا ڀلي ٻڏي وڃن، اهي پاڻي ۾ لڙهي وڃن، اهي شهر دربدر ٿي وڃن، پر ڪراچي شهر ۾ مينهن نه وسي، نه ته اهي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جو ساھ سڪائيندا ۽ جيڪي به ڪائونسلر ۽ بلدياتي چيئرمين آهن اهي ويچارا شهر جي روڊن تي وائيپر ۽ ٻُهارا کڻي بيهن، نه ته اهي ٽي وي ميڊيا جا نمائندا، شهري پريشر گروھ ۽ اهي جن کي ”گٽر سائنس“ ايندي آهي، اهي انهن سرڪاري ۽ غيرسرڪاري نمائندن جو ساھ پي ويندا. ان ڪري هيل ان خوف ۾ ميئر بيرسٽر مرتضي وهاب سموري شهر جي عملي کي الرٽ ڪري ويٺو ته جي مينهن جو ڦڙو پئي ته ان کي فورن صاف ڪرڻو آهي، شهر جا سڀ گٽر صاف ۽ انهن سڀني گٽرن نالن ۽ ڀڳل ٽٽل روڊن ۽ رستن تان پٿر ميڙي صاف ڪيو. ڇو ته ڪراچي ۾ جيڪو به مينهن وسندو آهي، اهو پٿر بڻجي گٽرن ۾ ڦاسي پوندو آ. ميڊيائي ماڻهن، پريشر گروهن ۽ ڪراچي جي فرسٽ ڪلاس شهرين سموري صوبائي ۽ بلدياتي عملي جي ننڊ حرام ڪري ڇڏي هئي، شڪر آ جو پاڻي وهي نڪري ويو ۽ پٿر بڻجي ڦاسي نه پيو، نه ته صوبائي حڪومت ۽ وفاقي حڪومت کي ۽ خاص بلدياتي عملدارن جي گهرن تي توا ٽنگي اچن هان.

مشرف جي دور ۾ 800 ارب روپيا رڳو هن شهر جي انفرا اسٽرڪچر تي لڳايا ويا هيا پر ڪو به ڪم سڌو نه ٿيو. هنن رڳو انهن علائقن ۾ ڪم ڪرايا جتي جتي اردو آبادي هئي، انهن علائقن ۾ اوور هيڊ برجز هڻاين جتي اهي پاڻ رهندا هيا. گٽر رڳو انهن علائقن جا پڪا ڪراين جن ۾ هي پاڻ آباد آهن ۽ ساوڪ سان روڊ به اهي ڀرين جن ۾ هنن جا بنگلا هيا ۽ اهي روڊ وري نه اکڙيا نه اڊيڙيا ويا. پر اهي علائقا جن ۾ سنڌي، پٺاڻ، سرائيڪي ۽ گاڏڙساڏڙ آبادي هئي انهن جا انفرا اسٽڪچر اڄ تائين سڌا ناهن. پر 32 سال شهر جي نمائندگي ڪرڻ کانپوءِ هي رڳو اهو ٿا چون ته شهر ۾ ڪو به ڪم ناهي ٿيو ته معني هنن ڪجھه نه ڪيو. پر پنهنجن پنهنجن ماڻهن کي چائينا ڪٽنگ ڪرائي، وڏين وڏين ميوسنپل ڪاميٽين جا پيسا کارائي، شهر جو ڪوڙيون پارڪنگ ايرياز ڏئي اربين روپيا ٺاهي ويا، جن ۾ هنن وٽ هڪ کوکلو نعرو هوندو هيو ته پيپلزپارٽي ۾ رڳو جاگيردار آهن، پر ايم ڪيو ايم جي شهري آبادي جي گهٽ پڙهيل جاگيردارن جي مقابلي ۾ هاڻي ايم ڪيو ايم وارا ڏهوڻ تي سرمائيدار ٿي ويا آهن، جنهن ۾ مثال رڳو 30 هن کان 35 اهڙا ماڻهو ڳڻي سگهجن ٿا، جيڪي مشرف جي دور کانپوءِ ارب پتي ٿي ويا. پر جاگيردارن جو زمينون پاڻي جي اڻهوند جي ڪري سُڪي ٺوٺ ٿي ويون، جيڪي پاڪستان جي ٺهڻ مهل ڪجھه به نه هيا.

اها ڳالھه هاڻي سڀ مڃن ٿا جنهن ۾ ڪامران خان ٽسوري ۽ اڳوڻي ناظم مصطفيٰ ڪمال ته پنهنجي ڳالھه مڃي ڪمال ڪري ڇڏيو آهي ته انهن جو ميڊيٽ جعلي آ، ۽ هاڻي انهن کي گورنرشپ سيمت ڪا به وزارت نه کپي، پر ڪجھه به نه وٺن نه وٺن پر سمنڊپار پاڪستانين واري وزارت، شپنگ ۽ امپورٽ ايڪسپورٽ واري وزارت نه ٿا ڇڏي سگهن. ان ڪري ته انهن جون سڀ ڳوٽون انهن وزارتن ۾ ڦاٿل هونديون آهن، ۽ اهي وزارتون هنن کان سواءِ ڪير نه ٿو هلائي سگهي، نه ئي انهن وازرتن جي سائنس ۽ فلاسافي يا فارسي ڪنهن ٻي پارٽي کي سمجھه ۾ به ايندي. ان ڪري هاڻي ڪوڙي ميڊيٽ تي به ڊراما ساڳا ٿا ڪن، سمجهن ٿا ته مرڪز ۾ هنن جو سڪو هلي ٿو، سڀ هنن جي ٻولي سمجهن ٿا ۽ رڳو اسان ئي آهيون جن جي ٻولي پنهنجي صوبي ۾ به ڪير نه ٿو سمجهي ۽ سمجهائڻي ٿي پئي ته اسان جي ڳالهائڻ جو مقصد ڇاهي. هاڻي زمين ته هنن جي تپندي ۽ ڪوڙ آخر ڪوڙ ٿي ويندو ۽ سڀ هنن جي مٿان سلطاني گواھ بڻجي بيهندا. ان ڪري ڪرسي سڀني کي کپي ۽ سڀني کي ڪرپشن ڪرڻ به ايندي آهي ته ڪيئن ميونسپالٽيءَ جا ادارا هلائبا آهن ۽ ڪيئن ڪائونسلر بڻجي ڪرپشن ڪري سگهجي ٿي، ۽ شهر ۾ ڇا ڇا ڪري سگهجي ٿو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.