ٻيھر وزارت اعظميٰ تائين رسندڙ شھبازشريف ۽ عوام جي اميد

قومي اسيمبلي شهباز شريف 201 ووٽن سان نئون وزيراعظم چونڊي ورتو آھي.ھو مسلم ليگ ن ۽ پ پ پ جو گڏيل اميدوار ھو.سندس مقابلي ۾ عمرايوب 92ووٽ حاصل ڪري سگھيو.

ايوان جي قائد چونڊڻ جي لاءِ مقرر ڪيل آچر واري ڏينھن  اسپيڪر  اياز صادق جي صدارت ۾ اجلاس شروع ٿيڻ سان ئي سني ڪائونسل اتحاد پاران روايت موجب احتجاج ڪيو ويو، پر پوءِ اھي پنهنجي سيٽن  تي ويھي رھيا.جي يو آءِ جي ميمبرن چونڊن ۾ حصو نه وٺڻ  جو فيصلو ڪيو۽ قومي اسيمبلي جي هال جا دروازا بند ٿيڻ کان اڳ ئي اھي ٻاهر نڪري ويا.جڏهن ته سردار اختر مينگل ايوان ۾ موجود ھو پر ھن اليڪشن ۾ حصو نھ ورتو.

شهباز شريف ھن کان اڳ صرف پهرين 16 مهينن تائين وزارتِ عظميٰ جي عھدي تي رھيو ھو. ان کان اڳ ان عھدي تي رھندڙ عمران خان کي بي اعتمادي رٿ سان ھٽايو ويو ھو. ان کان پهرين نواز شريف ان عھدي تي رھيو.تاريخ ۾ ھي پھروين ڀيرو آھي جو شريف ڀائرن مان چونڊن کٽڻ بعد ميان نوازشريف وزارت اعظميٰ جي عھدي تي فائز نھ ٿيو آھي.

راويتي طور تي مسلم ليگ جي اقتدار ھجڻ وقت نوازشريف وزيراعظم ۽ سندس ڀاءَ شھبازشريف پنجاب جو وڏو وزير ٿيندو رھيو آھي.جيتوڻيڪ اھي ٻئي عھدا ھن وقت بھ شريف خاندان وٽ ئي آھن پر انھن ۾ عھدن تي نوان چھرا آيا آھن.پنجاب جي وڏ وزارت، وزيراعظم جي ڀائيٽيءَ ۽ نوازشريف جي ڌيءَ مريم نواز وٽ آھي.

پنجاب ۾ ٿورو عرصو ئي مسلم ليگ ن کان سواءِ اقتدار ڪنھن ٻئي وٽ رھيو آھي. شھبازشريف  پنجاب صوبي ۾ ھڪ ’سخت ايڊمنسٽريٽر‘ سمجھيو ويندو آھي.شھبازشريف گذريل حڪومت جي ڪارڪردگيءِ طور چوندو رھيو آھي تھ سندس مختصر حڪومت ملڪ کي ڊيفالٽ ٿيڻ کان بچايو آھي.جيتوڻيڪ ان فيصلي جي سڀ کان وڌيڪ قيمت بھ مسلم ليگ ن کي چڪائڻي پئي آھي.جنھن ۾ پھريون ڀيرو مسلم ليگ ن جي ملڪ توڙي پنجاب تان گرفت ڊري ٿي آھي.

شريف خاندان جي سياست جي لاءِ  خيال ڪيو پيو وڃي تھ شھبازشريف ۽ مريم نواز جيڪڏھن ملڪ ۽ پنجاب صوبي ۾ خاندان جي سياست بچائي سگھيا تھ بھتر، نھ تھ انھن جي سياسي باب جو انت ٿي ويندو.جنھن ڪري انھن ٻنھي اھم عھدي تي رسندڙ اڳواڻن لاءِ ملڪ ۽صوبي سان گڏ سندن خاندان جي سياست کي بچائڻ جو وڏو چئليج آھي.شريف ڀائرن سياست جي ڪيترن ئي عروج ۽ زوال جي دورن کي ڏٺو، سياست جي ديوي ھن خاندان تي ڪافي مھربان رھندي آئي آھي.

پاڪستان جي سياست جي رمزن کي ڀلي ڀت ڄاڻندڙ شريف خاندان تي سڀ کان وڌيڪ ڏکيو وقت مشرف دور ۾ آيو.جڏھن قيد ٿيڻ بعد ھو سعودي عرب جي ٽياڪڙي سان معاھدو ڪري جلاوطن ٿيڻ ۽ 10 سال سياست تان ھٿ کڻڻ جو فيصلو ڪيو ھو.جيتوڻيڪ شريف خاندان جي سياست جي شروعات جنرل ضياءِ جي دور کان ٿي ھئي.جنھن بعد نوازشريف 1985 جي غير جماعتي چونڊن ۾ حصو وٺي پنجاب جي سياست ۾ پنھنجا پير مضبوط ڪيا ھئا.

ان کانپوءِ ملڪ ۾ روايتي حريف جماعتون مسلم ليگ ن ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي رھنديون آيون ھيون جن جي رستي روڪڻ جي لاءِ مشرف پنھنجي دور ۾ ھر ممڪن ڪم ڪيو ۽ھن اھو اعلان بھ ڪري ڇڏيو ھو تھ نوازشريف ۽ بينظير ڀٽو جو ھاڻي سياست ۾ ڪو ڪردار نھ آھي.پر ان بعد محترمھ بينظير ڀٽو نوازشريف ۽ ٻين سياسي جماعتن سان گڏجي ميثاق جمھوريت تي سياسي ڌرين کي متفق ڪري، آمر مشرف جي چال کي ناڪام بڻائي ڇڏيو ھو.سياسي مبصرن جو چوڻ آھي تھ پاڪستان تحريڪ انصاف تي ”شفقت“ جي ھٿ رکڻ جو اصل سبب مسلم ليگ ن ۽ پ پ پ جو رستو بلاڪ ڪرڻ ھو، پر اھو اڃان ممڪن نھ ٿي سگھيو آھي.

بي اعتمادي رٿ  جي نتيجي ۾ عمران خان جي حڪومت ختم ٿيڻ سان پي ڊي ايم، جي گڏيل حڪومت کي ليڊ ڪرڻ بعد ھاڻي ٻيھر جڏھن شھبازشريف ان عھدي تي پھتو آھي تھ ان مٿان اڳي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ دٻاءِ ھوندو.اتحادي حڪومت ھوندي ھي اقليتي حڪومت ڳڻي وڃي ٿي.

چونڊن کان اڳ مسلم ليگ ن درست اندازو نھ ڪندي پنھنجو گھڻو نقصان ڪري ويٺي آھي.جنھن ڪري ھي حڪومت پڻ اتحادي ھئڻ ڪري فيصلن ۾ گھڻي آزاد نھ ھوندي، پر ان ھوندي بھ سمجھيو ٿو وڃي تھ شھبازشريف ملڪ کي بھتر طريقي سان ھلائي سگھندو.

شهباز شريف پنهنجي پي ڊي ايم حڪومت جي 16 مهينن دوران مسلسل معاشي بحران کي منھن ڏنو.عالمي اداري جي ڪڙن شرطن سبب ملڪ ۾ مھانگائي جو اھڙو طوفان آيو ،جو عوام ان کان اڳ وارن سمورن مسئلن کي وساري ڇڏيو ھو.ھن وقت ملڪ ۾ معيشت،امن امان ،عدم استحڪام،عالمي لاڳاپا، توڙي ريجنل سياست، حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ جا لاڳاپا اھم آھن.شايد ھي پھريون ڀيرو ھجي جو ھن حڪومت کي ھڪ سگھاري اپوزيشن کي بھ منھن ڏيڻو پوندو.

ھاڻي جڏھن ملڪ ۾ ھڪ عرصي کان اسٽيبلشمينٽ جو اثر وڌي ويو آھي ۽ سموريون ڌريون اھو ذھني طور تي قبول ڪن ٿيون تھ انھن سان ٺھي ڪري ھلڻو آھي.شھبازشريف جي لاءِ تھ چونڊن کان اڳ اھو تاثر مليو ھو تھ ھو انھن جي اکين جو ”تارو “ آھي.ان ڪري اھو خيال آھي تھ ڪافي حد تائين اھو پاسو ڪمزور نھ ھوندو پر ھاڻوڪي زميني حقيقت ٿوري مختلف آھي.

مفاهمت جي پاليسيءَ بھتر عمل ھوندو پر جنھن طريقي سان اپوزيشن تياري ڪئي آھي ان مان ائين محسوس ٿئي ٿو تھ حڪومت سخت مشڪلات کي منھن ڏيندي، جئين تھ وڌيڪ بار حڪومت جي مٿان ھوندو آھي ان ڪري اپوزيشن سان بھ ڪنھن سرچاءَ ۽ بھتر ورڪنگ رليشنز جي لاءِ شھبازشريف کي ئي اڳيان وڌڻو پوندو.

گذريل ڀيري مختصر مدي واري پي ڊي ايم حڪومت وٽ اھو بھ بھانو ھو تھ ھنن وٽ وقت نھ آھي،نھ تھ اھي ملڪ جي عوام جي قسمت ۾ وڏو ڦيرو آڻي ڇڏين ھا.ھاڻي بھ گھٽ وڌ ھنن کي وري موقعو مليو آھي، جنھن مان وري بھ بھتري جي اميد ڪئي پئي وڃي.

عوام جي اميد آھي تھ مھانگائي گھٽ ٿئي.پيٽرول،گئس،بجلي جون قيمتون گھٽجن ۽ روزگار جا ڪي موقعا نڪرن،جئين  عوام لاءِ زندگيءَ گھارڻ آسان ٿي سگھي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.