روز هڪ صوف کائڻ جو وڏو فائدو

ڪينسر، دل ۽ ٻين سنگين مرضن کي پاڻ کان پري رکڻ چاهيو ٿا؟ ته روز هڪ صوف کائڻ عادت بڻايو.

اها ڳالهه چين ۾ ٿيل هڪ طبي تحقيق ۾ سامهون آئي.

Anhui ميڊيڪل يونيورسٽي جي ان تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته فليونولز نالي ڪيميائي مُرڪب تي ٻڌل غذائن جو استعمال مختلف مرصن کان تحفظ فراهم ڪري ٿو.

اهو مرڪب اينٽي آڪسائيڊنٽ خاصيتن سان ليس هجن ٿا اهو صوف، ٽماٽي، ڪافي ۽ بصرن جهڙين غذائن ۾ موجود هوندو آهي.

ان تحقيق ۾ لڳ ڀڳ 12 هزار ماڻهن جي ڊيٽا جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي وئي.

نتيجن مان خبر پئي ته فليونولز سان ڀرپور غذائن جو گھڻو استعمال ڪندڙ ماڻهن ۾ ڪينسر، دل جي مرضن ۽ ٻين مختلف مرضن مان متاثر ٿيڻ جو خطرو گھٽبو آهي.

حقيقت ۾ ماهرن دريافت ڪيو ته ڪينسر سان موت جو خطرو 50 سيڪڙو، دل جي مرضن سان موت جو خطرو 33 سيڪڙو ۽ زلزائمر مرضن جو خطرو 25 سيڪڙو تائين گھٽجي وڃي ٿو.

محققن موجب نتيجن مان ثابت ٿئي ٿو ته ميون ۽ ڀاڄين جو گھڻو استعمال ڊگھن بنيادن تي صحت لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو آهي.

هنن وڌيڪ چيو ته ماضي جي تحقيقي رپورٽن ۾ به ثابت ٿي چڪو آهي ته فليونولز جي استعمال سان مختلف مرضن ۽ موت جو جلد خطرو گھٽبو آهي.

سندن چوڻ هو ته اهو ڪيميائي مرڪب صوف، بصر، انگور، بيريز، ڪاري چانهه، ڪافي، چاڪليٽ ۽ ساون پنن وارين ڀاڄين ۾ جهجهي مقدار ۾ موجود هوندو آهي.

ان تحقيق جا نتيجا جنرل سائنٽيفڪ رپورٽ ۾ ڇپيل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.