رمضان پيڪيج ۾ شهري 3 بنيادي شين تي رليف کان محروم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ساڍا 7 ارب رپين جي رمضان پيڪيج ۾ شهري 3 بنيادي شين تي وڌيڪ رليف کان محروم ٿي ويا.
ذريعن موجب يوٽيليٽي اسٽورن تي کنڊ، اٽي ۽ گيهه جا اگهه گهٽ نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، رمضان پيڪيج تحت کنڊ، اٽي ۽ گيهه جا موجوده اگهه برقرار رهندا.
بي آءِ ايس پي واهپيدارن لاءِ کنڊ جي في ڪلو قيمت 109 رپين تي برقرار رهندي، جڏهن ته 10 ڪلو اٽي جي قيمت 648 رپيا برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، رمضان پيڪيج تحت في ڪلو گيهه به 365 رپين ۾ ئي ملندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته بي آءِ ايس پي واهپيدارن لاءِ کنڊ، اٽي ۽ گيهه جو اگهه اڳ ئي گهٽ آهي، جنهن سبب انهن شين تي وڌيڪ سبسڊي نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.