ڪرمپور (پ ر) عوامي تحريڪ ضلعي ڪشمور_ ڪنڌڪوٽ جي جنرل ڪائونسل جو اجلاس ضلعي صدر گل حسن ٻپڙ جي صدارت ۾ ڪرمپور شهر ۾ ٿي گذريو. عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار ۽ مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري ستار رند خصوصي شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته نون ليگ ۽ ايم ڪيو ايم جو ٺاهه ملڪ دشمن نقطن تي مشتمل آهي. مڪاني کاتي کي بااختيار بڻائڻ جي نالي ۾ ڪراچي شهر دهشتگردن حوالي ڪيو پيو وڃي. ڳوٺ مُھرو ۾ پوليو آفيسر نعيم ٻپڙ جي ڀاءُ حفيظ ٻپڙ ۽ امجد ٻپڙ سان عوامي تحريڪ جي وفد ملاقات ڪري ھر قسم جي ساٿ ۽ مدد جي يقين دھاني ڪرائي ۽ ڳوٺ مُھرو ۾ گڏ ٿيل ڳوٺاڻن سان ڳالھ ٻولھ ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار چيو ته غريب پورھيت ۽ مسڪين ماڻھن کي اغوا ڪري لکين روپيا ڀنگ وٺڻ چورين ۽ ڦرن جون وارداتون روز جو معمول بنجي ويو آھي. انتظاميه ۽ حڪمران عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ ڪرڻ ۾ ناڪام ويا آھن. انسانن کي اغوا ڪرڻ جو ڪڌو ڪاروبار سردارن ۽ انتظاميه جي سرپرستي ۾ جاري آھي. اڳواڻن چيو ته چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ نعيم جي اغوا جو نوٽيس وٺي. ڊبليو ايڇ او ۽ صحت کاتو پوليو ورڪر جي بازيابي لاءِ سنڌ سرڪار تي دٻاءُ وجهن. پوليو آفيسر جي اغوا تي صحت کاتي جي مجرماڻي ماٺ افسوسناڪ آهي. هنن چيو ته اغوا انڊسٽري ذريعي قبائلي سردار ڪروڙين روپيا ڪمائي رهيا آهن. اغوا انڊسٽري هڪ منافعي بخش ڪاروبار بڻجي ويو آهي جنهن ۾ پوليس ۽ ٻيا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا به پنهنجو حصو پتي وٺن ٿا. اغوا انڊسٽري ۾ ملوث قبائلي سردارن کي سنڌ حڪومت جي سرپرستي حاصل آهي. سردارن جي سرپرستي کانسواءِ ڌاڙيل ڪنهن به ماڻهو کي اغوا نٿا ڪري سگهن. هنن وڌيڪ چيو ته هڪ سازش تحت سنڌ ۾ بدامني کي هٿي ڏني وئي آهي. وڌندڙ بدامني جا ذميوار ملڪ جا حڪمران آهن. پيپلز پارٽي سنڌ کي ڌاڙيلن ۽ دهشتگردن جو ڳڙه بڻائي ڇڏيو آهي. ڪشمور_ ڪنڌ ڪوٽ ضلعو ڌاڙيلن جي محفوظ پناه گاه بڻايو ويو آهي