لاهور( م ڊ) ايم ڪيو ايم کي سنڌ جي گورنر شپ ۽ ٻه کان ٽي وزارتون ملڻ جو امڪان آهي،ذريعن جو چوڻ آهي ته ن ليگ پاران ڪابينا جي وزيرن جو انگ گهٽ رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ وفاقي ڪابينا ۾ وزيرن جو انگ 20 هئڻ تي ايم ڪيو ايم کي 2 وزارتون ملڻ جو امڪان آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم کي ميري ٽائيم جي وزارت ملي سگهي ٿي پر انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت ملڻ جو ڪو به امڪان ناهي، جڏهن ته سنڌ جي گورنر شپ لاءِ نالي تي ايم ڪيو ايم ۾ ٻه رايا آهن، ذريعن موجب ايم ڪيو ايم جو هڪ گروپ ڪامران ٽيسوري کي گورنر ڏسڻ چاهي ٿي، ۽ ٻيو گروپ خوش بخت شجاعت کي گورنر بڻائڻ چاهي ٿو، ذريعن جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم 5 وزارتن جو مطالبو ڪيو هو پر (ن) ليگ ايم ڪيو ايم کي 2 وزارتون ڏنيون، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ حج واري وزارت ڏيڻ جي آڇ ڪئي وئي پر ايم ڪيو ايم ٻنهي وزارتن وٺڻ کان انڪار ڪيو.