محمود اچڪزئي جي فضل الرحمان سان ملاقات،صدارت لاءِ ووٽ طلب

اسلام آباد(م ڊ) سني اتحاد ڪائونسل طرفان صدر جي اميدوار محمود خان اچڪزئي مولانا فضل الرحمان کان ووٽ گهري ورتو، فضل الرحمان  معاملو پارٽي جي سامهون رکڻ جو چئي ڇڏيو آهي.رپورٽ موجب سني اتحاد ڪائونسل طرفان صدر جي لاءِ نامزد اميدوار محمود خان اچڪزئي مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاهه تي ان سان ملاقات ڪئي.ذريعن موجب محمود خان اچڪزئي مولانا فضل الرحمان سان صدر جي لاءِ ووٽ گهري ورتو ۽ چيو ته اسان جو پراڻو تعلق آهي، اسان ڪافي وقت گڏ تحريڪ ۾ گذاريو آهي اميد آهي ته اوهان اسان کي سپورٽ ڪندو.ذريعن موجب مولانا فضل الرحمان جواب ڏنو آهي ته اسان جي پارٽي فيصلو ڪيو آهي ته ڪنهن به چونڊ عمل جو حصو نه بڻجنداسين، پارٽي قيادت سان مشورو ڪرڻ کان پوءِ اوهان کي آگاهه ڪنداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.