شڪارپور(رپورٽ : ذوالفقار مگسي ) شڪارپور شھر جي نيو فوجداري ٿاڻي جي حد سنجراڻي محلا شڪارپور ۾ سنجراڻي برادري جي شادي تقريب دوران هوائي فائرنگ ۾ 22 ورهين جو وسيم سنجراڻي کي مٿي ۾ گوليون لڳڻ سبب سخت ٿي پيو جنھن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال شڪارپور نيو ويو ته ھو رستي ۾ فوت ٿي ويو.جڏھن اسپتال انتظاميا پاران لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ،لاش گھر پھچڻ تي شادي جون خوشيون ماتم ۾تبديل ٿي ويون، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو آهي