لاهور ( م ڊ) وزير اعليٰ پنجاب جي چونڊ تي تحريڪ انصاف جو ردعمل سامهون آيو، تحريڪ انصاف ترجمان چيو ته غير آئيني پنجاب اسيمبلي جي سيٽن تي ويهندڙ اڄ پنجاب جي هڪ جعلي وزير اعليٰ جي چونڊ ڪري رهيا آهن، ورهين کان ڦرلٽ ڪندڙ خاندان اڄ وري ڦرلٽ جي بازار گرم ڪرڻ لاءِ سرگرم آهي، تحريڪ انصاف ترجمان موجب پوليس طرفان اسيمبلي ٻاهران ڪرفيو لاڳو ڪري تحريڪ انصاف جي نامزد اميدوار ۽ چونڊيل ميمبرن کي اجلاس ۾ شرڪت کان روڪڻ غير آئيني ۽ شرمناڪ آهي، هڪ شڪست کاڌل عورت کي اقتدار جي ڪرسي تائين پهچائڻ لاءِ عوام جو مينڊيٽ چورائڻ کانپوءِ هاڻ ايوان جو تقدس پامال ڪيو پيو وڃي، ترجمان چيو ته مريم نواز کي عوام جي مرضي خلاف وزارت اعليٰ جي ڪرسي جي خواهش ڪندي شرم اچڻ گهرجي، عوام جعلي وزير اعليٰ جي صورت ۾ پنهنجي مينڊيٽ جي توهين ڪنهن به صورت برداشت نه ڪندو، ڌانڌلي سان آيل حڪومت گهڻي دير نه هلي سگهندي.
-
متحده پنهنجي سياسي پوزيشن حاصل ڪئي آهي: علي خورشيدي
ڪراچي ( رپورٽر ) مخالف ڌر جي ميمبرن چونڊن ۾ ڌانڌلين جا الزام هڻندي چيو آهي ته صوبي جون حالتون بدترين ٿي رهيون آهن، وڏي وزير جي چونڊ هارائيندڙ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي علي خورشيدي چيو ته ڪراچي ۾ متحده پنهنجي سياسي پوزيشن حاصل ڪئي آهي، اڳ کان به وڌيڪ سيٽون کنيون آهن، هن چيو ته صوبي ۾ معشيت خراب آهي، عوام روزگار لاءِ پريشان آهي، حالتون اڳ کان خراب آهن، ماضي مان سکي اڳتي وڌي حالتون بهتر ڪرڻ لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي، آفيسرن جي من ماني هلي ٿي ان کي به ڏٺو وڃي. ايم ڪيو ايم جي عبدالوسيم افتخار عالم ۽ ٻين چيو ته عوام لاءِ پاڻي، گئس بجلي، سميت بنيادي مسئلا آهن، اميد آهي ته حڪومت مسئلن جي حل لاءِ ڪم ڪندي، جماعت اسلامي جي محمد فاروق چيو ته ڪراچي سميت پوري سنڌ جي عوام جا مسئلا ايوان ۾ اٿارينداسين، لکين ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، ڪراچي جي ٻآرن کي امتحانن ۾ فيل ڪيو ويو آهي، هن چيو ته چونڊن ۾ به ڌانڌلي ڪئي وئي آهي، پي ٽي آءِ جي حمايت سان چونڊجي آيل آزاد اميدوارن سجاد سومرو ۽ ريحان خان چيو ته منشيات، پاڻي، بجلي، گئس سميت عوام جا بنيادي مسئلا حل ڪيا وڃن،
-
خيبرپختونخواهه جي نئين وڏي وزير جي چونڊ جمعي تي ٿيندي
پشاور(م ڊ) خيبرپختونخواهه جي نئين وڏي وزير جي چونڊ جمعي تي ٿيندي. ميڊيا موجب اسيمبلي جا نوان چونڊيل ميمبر اربع تي حلف کڻندا. علي امين گنڊاپورپي ٽي آءِ حامي آزاد اميدوارن ۽ سني اتحاد ڪائونسل مان وڏي وزير جو اميدوار آهي. ٻئي طرف خيبرپختونخواهه اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ خميس تي ٿيندي، مخالف ڌر خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر لاءِ گڏيل اميدوار آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ انهن عهدن لاءِ مشاورت شروع ڪري ڇڏي آهي.