فريال ٽالپر پاران متحده سميت مخالف ڌر کي گڏ کڻي هلڻ جو اعلان

ڪراچي: پ پ ليڊيز ونگ جي مرڪزي صدر ۽ ايم پي اي فريال ٽالپر ايم ڪيو ايم پاڪستان سميت مخالف ڌر کي گڏ کڻي هلڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته سنڌ صوبو ۽ وطن آهي ته اسين سڀ آهيون، ايوان ۾ خطاب ڪندي فريال ٽالپر وڌيڪ چيو ته سنڌ ڌرتي ڄاوا آهيون، هتي رهنداسين ۽ مرنداسين، هاڻي عوام جا وڌيڪ ڪم ڪنداسين، ڪارڪردگي بهتر ڪري ايندڙ اليڪشن ۾ وڌيڪ سيٽُون کٽينداسين، هن چيو ته پ پ جا ڪارڪن بلاول ڀٽو جي سربراهي ۾ اڳتي وڌندا، وقت ٻڌائيندو ته صوبي ۾ اسان ڪيئن حڪومت ڪئي آهي، فريال ٽالپر چيو ته اسان جو عزم ۽ ايمان آهي ته صوبي لاءِ ڪم ڪنداسين، نيڪ نيتي سان اڳتي وڌنداسين، قائم علي شاهه سچيون ڳالهيون ڪيون آهن، بزرگ آهي، ان جي ڳالهين کي دل ۾ نه ڪجو اسان به سندس عزت ڪندا آهيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.