کٽو مل جي ووٽ جي پرچي سردار شاهه ورتي، اعجاز خان جي ووٽ ڏيڻ دوران ”لوٽا لوٽا“ جا نعرا

ڪراچي: ايوان جي ڪارروائي دوران دلچسپ صورتحال رهي، عذرا پيچوهو ووٽ ڏيڻ لاءِ پرچي وٺي وئي پر واپس اسپيڪر ڊائيس تي پهتي، کٽو مل جيوڻ جي ووٽ لاءِ پرچي سردار شاهه ورتي ۽ کٽو مل کي سيٽ  تي پهچائي کيس سيٽ تان اٿاريو ته هو ڏڪندو ڏڪندو ايوان مان ٻاهر ويو، شبير قريشي اعجاز خان جي ووٽ ڏيڻ دوران لوٽا لوٽا جا نعرا هنيا، آزاد اميدوارن چونڊن ۾ حصو نه ورتو ۽ ايوان ۾ ويٺل رهيا، قائم علي شاهه ووٽ لاءِ پرچي وٺڻ بعد واپس سيٽ تي ويهڻ لڳو ته آغا سراج دراني کيس ووٽ لاءِ ايوان مان ٻاهر وڃڻ جو مشورو ڏنو، ماروي فصيح جي تقرير دوران مائيڪ نه کليو ته ٻي سيٽ تي ويٺل ايم پي اي چيو ته هينئر کان ئي عورتن جو آواز دٻايو پيو وڃي،

  1. سنڌ هاءِ ڪورٽ جو سمورن گم ٿيل ماڻهن کي آزاد ڪرائڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس خادم حسين تنيو تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ ۾ناري سميت 20 کان وڌيڪ گم ٿيلن جي آزادي بابت درخواستن جي ٻڌڻي   ڪئي، گم ٿيل ماڻهن جي آزادي لاءِ عدالت پنهنجي حڪم نامي ۾ چيو آهي ته جيڪي گهربل آهن يا پاڻ گم ٿي ويا آهن انهن کي ڳولي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي، عدالت ملڪ جي جيلن، حراستي مرڪزن ۽ سمورن ادارن کان رپورٽ حاصل ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت گم ٿيل ماڻهن جا سفري تفصيل به جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت وفاقي گهرو سيڪريٽري، بچاءَ واري سيڪريٽري ۽ ٻين کي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو، عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته روزاني جي بنياد تي ٻڌايو وڃي ته گم ٿيل ماڻهن جي ڪيس ۾ ڪهڙي ڪارروائي ٿي رهي آهي، عدالت گم ٿيل تانيا، سمير، فرحان، نديم، يوسف، عبدالله ۽ ٻين جي آزادي  لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو چيو ته گم ٿيل شهرين جون تصويرون پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ شايع ڪيون وڃن، عدالت ۾  جاچ آفيسر جو چوڻ هو ته گم ٿيل شهرين مان ڪجهه پاڻ ويا آهن، گم ٿيلن مان ڪجهه لياري گينگ وار ۽ ذاتي دشمني وارا ماڻهو به گم آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.