مريم نواز ملڪ جي پهرين عورت وزيراعليٰ بڻجي وئي، رمضان پئڪيج ۽ صحت ڪارڊ جو اعلان

لاهور (م ڊ)  ن ليگ اڳواڻ مريم نواز پنجاب جي وزير اعليٰ چونڊجي وئي ۽ هن وزرات اعليٰ جو  حلف به کڻي ورتو. حلف برداري تقريب گورنر هائوس پنجاب ۾ ٿي، جتي پنجاب جي گورنر محمد بليغ الرحمان مريم نواز کان حلف ورتو. ن ليگ قائد نواز شريف ۽ پارٽي صدر شهباز شريف به حلف برداري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ان کان اڳ وزير اعليٰ جي چونڊ لاءِ پنجاب اسيمبلي جو اجلاس نئين چونڊيل اسپيڪر ملڪ محمد احمد خان جي صدارت هيٺ ٿيو. مريم نواز 220 ووٽ کڻي ملڪي تاريخ جي پهرين وزيراعليٰ چونڊجي وئي، جڏهن ته ان جي ڀيٽ ۾ اميدوار راڻا آفتاب هڪ به ووٽ حاصل نه ڪيو. اسيمبلي اجلاس جي شروعات ۾ اسپيڪر ووٽنگ جو طريقي ڪار ٻڌايو ته سني اتحاد ڪائونسل ميمبرن گوڙ شروع ڪري ڇڏيو، جنهن تي اسپيڪر کين چپ رهڻ جي هدايت ڪندي چيو ته جيڪو ڪجهه ٿيندو آئين موجب ٿيندو پر ان باوجود سني اتحاد ڪائونسل ميمبرن گوڙ جاري رکيو ۽ اسيمبلي مان واڪ آئوٽ ڪري ويا. اسپيڪر کين پرچائڻ جو ٽاسڪ خليل طاهر، عمران نذير، سلمان رفيق، سميع الله، سهيل شوڪت ۽ علي گيلاني کي ڏنو پر سني اتحاد ڪائونسل جا ميمبر ايوان ۾ واپس نه آيا ۽ بائيڪاٽ برقرار رکيو، جنهن تي اسپيڪر انهن جي غير موجودگي ۾ ڪارروائي شروع ڪئي ۽ پوءِ ميمبرن ووٽ ڪاسٽ ڪيا. پنهنجي خطاب دوران پنجاب جي وزيراعليٰ نگهبان جي نالي سان رمضان پيڪيج جو اعلان ڪندي چيو ته 75 لک کان وڌيڪ پيڪيٽ مستحق ماڻهن کي سندن گهرن تائين فراهم ڪيا ويندا. مريم نواز چيو ته رمضان المبارڪ ۾ سستي رمضان بازارون لڳايون وينديون، پرائس ڪنٽرول ڪميٽين جا اجلاس اڄ کان شروع ٿيندا. هن چيو ته جيڪڏهن ڪو به ٻار پڙهڻ چاهي ٿو ته اسان ميرٽ جي بنياد تي اعليٰ تعليم لاءِ وسيلا فراهم ڪنداسين، 60 هزار رپين کان گهٽ آمدني وارا مستحق آهن، انهن جي مدد ڪرڻ اسان جو فرض آهي. پنجاب جي وڏي وزير چيو ته هوءَ چاهي ٿي ته ٻار پنهنجي گهر کان ڪاروبار شروع ڪن، ڪاروبار شروع ڪرڻ لاءِ مالي مدد فراهم ڪنداسين، في الحال اسان وٽ سمورن فائدي وارن جو ڊيٽا ناهي، هن فراهم ڪرڻ جو چيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.