بخشاپور ڀرسان هٿياربندن جي فائرنگ، 2 ڄڻا قتل، وارثن جو لاش رکي ڌرڻو

بخشاپور (عوامي آواز نيوز) بخشاپور ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا، لانڍي اسٽاپ ويجهو پوليس پڪٽ وٽ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ محمد گوڪلاڻي ڀنگوار ٿڏي تي مارجي ويو، فائرنگ ۾ زخمي ٿيل مراد علي ڀنگوار اسپتال ڏانهن نيئڻ دوران رستي ۾ دم ڏنو، مقتولن جي وارثن طرفان انڊس هاءِ وي تي لاشن سوڌو ڌرڻو هنيو ويو،  قاتلن جي گرفتاريءَ جو مطالبو ڪيو ويو، ذريعن موجب 2 سال اڳ پوليس سان مبينا مقابلي دوران جوابدار ببي ڀنگوار مارجي ويو هو، مارجي ويل جوابدار جي ڌر جي هٿياربندن پاران مخبري جي شڪ هيٺ اڄ ٻنهي ڄڻن کي قتل ڪيو ويو، مقتولن جي وارثن جو چوڻ هو ته اسان سان ظلم ڪيو ويو آهي، بيگناهه ٻنهي نوجوانن کي قتل ڪيو ويو آهي، قاتلن جي گرفتاري تائين ڌرڻو جاري رهندو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.