تنگواڻي (رپورٽ: مھتاب ملڪ) تنگواڻي جي ڳوٺ غوث بخش نندواڻي رهواسي 3 نوجوان ڪمال نندواڻي، سيف الله نندواڻي،محمّد حنيف نندواڻي بخشاپور تعزيت تي ويندي گم ٿي ويا، وارثن جعفر نندواڻي ۽ دلدار نندواڻي ٻڌايو ته گذريل ڏينهن کان نوجوان گهران تعزيت لاءِ نڪتا جيڪي هن ٽائيم تائين واپس ناهن ٿيا ۽ نمبر به بند آهن، وارثن پوليس انتظاميه کي اپيل ڪئي ته اسان کي شڪ آهي ته نوجوانن کي اغوا ڪيو ويو آهي، انهن جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.