سني اتحاد ڪائونسل کي مخصوص سيٽن بابت اڄ کليل ٻڌڻي ٿيندي

اسلام آباد(م ڊ) اليڪشن ڪميشن سني يونين ڪائونسل جي مخصوص سيٽن جي الاٽمينٽ بابت درخواست تي کليل ٻڌڻي جو فيصلو ڪيو آهي. اليڪشن  ڪميشن جي پنج رڪني بئنچ اڄ سني اتحاد ڪائونسل جي درخواست تي ٻڌڻي ڪندي.ٻڌڻي ۾ سني اتحاد ڪائونسل کي مخصوص سيٽون الاٽ ڪرڻ يا نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويندو. اليڪشن ڪميشن ڪيس جي لسٽ به جاري ڪري ڇڏي آهي، ڪيس جي ٻڌڻي اڄ اليڪشن ڪميشن جي 5 رڪني بينچ ڪندي. اليڪشن ڪميشن خالد مقبول صديقي، سني اتحاد ڪائونسل محمود خان، مولوي اقبال حيدر ۽ ڪنز السعادت کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. اليڪشن ڪميشن جي اڳوڻي سيڪريٽري ڪنور دلشاد جو چوڻ آهي ته سني اتحاد ڪائونسل کي سيٽون ڏيڻ يا نه ڏيڻ اليڪشن ڪميشن جي صوابديد آهي.

  1. ڪراچي ۾ نالي ۾ ٻڏي فوت ٿيل شهري جي زال طرفان ڪي ايم خلاف هرجاڻي جي درخواست داخل 

ڪراچي (رپورٽر) جڊيشل مئجسٽريٽ اولهه جي عدالت ۾ شهري فخر عالم جي نالي ۾ ٻڏي فوت ٿيڻ بابت ڪيس ٻڌڻي ٿي، فوتي  سيد فخر عالم جي بيواهه ڪي ايم سي خلاف هرجاڻي جو ڪيس  داخل ڪري ڇڏيو، سيد فخر عالم 3 فيبروري تي بلديا ٽائون ۾ برسات کانپوءِ نالي ۾ ڪري فوت ٿي وي هو،شهري جي بيواهه وڪيل عثمان فاروق ذريعي هرجاڻي جو ڪيس داخل ڪي، بيواهه چيو ته منهنجو مڙس ڪي ايم سي جي نااهلي ۽ برسات جي پاڻي جي نيڪال نه ڪرڻ سبب فوت ٿي ويو هو ، ڪي ايم سي کان 3 ڪروڙ 71 لک رپيا معاوضي طور ڏنا وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.