ڪراچي(رپورٽر) نگران صحت واري وزير ڊاڪٽر سعد نياز نگران وڏي وزير مقبول باقر جي خلاف قانوني دڳ وٺڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته وڏي وزير مقبول باقر مون کي ڪابينا ميمبرن جي سامهون ڌمڪيون ڏنيون، تفصيل موجب نگران ڪابينا جي اجلاس ۾ منهن ماري کان پوءِ نگران صحت واري وزير ڊاڪٽر سعد نياز جو نگران وڏي وزير مقبول باقر جي خلاف قانوني دڳ وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، نگران صحت واري وزير چيو ته وڪيلن سان ڳالهائي رهيو آهيان قانوني نوٽيس ڏيندس، ڊاڪٽر سعد نياز چيو ته مان آخري ڪابينا اجلاس ۾ خاميون ڪڍيون ته وڏو وزير باهه ٿي ويو، مان چيو ته اسان جون هي ناڪاميون آهن، جيڪي برداشٽ نه ڪيون ويون، ياد رهي ته سنڌ جي نگران حڪومت جوآخري اجلاس نگران وڏي وزير مقبول باقر جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن جي پڄاڻي ڌمڪين سان ٿي، ذريعن ٻڌايو ته اجلاس دوران نگران وڏي وزير مقبول باقر ۽ نگران صحت واري وزير سعد خالد نياز ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي، اجلاس دوران ٻنهي هڪ ٻئي تي الزام مڙهيا.