ڪراچي ( رپورٽر ) نگران سنڌ حڪومت جي پڇاڙيءَ واري ڏينهن ڪابينا جي آخري اجلاس ۾ نگران وڏي وزير سيد مقبول باقر ۽ صحت جي وزير نگران ڊاڪٽر سعد خالد نياز جي وچ ۾ تڪرار پيدا ٿي پيو ، جنهن سبب اجلاس کي ختم ڪرڻو پئجي ويو. تفصيل مطابق سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر ۽ نگران صحت واري وزير سعد خالد نياز وچ ۾ ھلندڙ تڪرار ان وقت تيز ٿي ويو، جڏھن سنڌ ڪابينا جو اجلاس سنڌ جي نگران وڏي وزير جي صدارت ھيٺ شروع ٿيو، اھڙي صورتحال جي ڪري اجلاس ختم ڪرڻو پئجي ويو. ان موقعي تي سنڌ جي نگران صوبائي وزير صحت سعد خالد نياز چيو ته هن کي ڪم ڪرڻ نه ڏنو ويو، جنهن ڪري منهنجي سٺي ڪم جي ڪوششن ۾ رڪاوٽ پيدا ڪئي وئي. نگران صحت واري وزير الزام مڙھيو ته سنڌ جي نگران وڏي وزير صحت واري سيڪريٽري ذريعي سڌي طرح سان منهنجي ڪم ۾ مداخلت ڪئي. ھوڏانھن سنڌ جي نگران وڏي وزير چيو ته سعد خالد نيازغلط بياني ڪري رهيو آهي، مون سمورن وزيرن سان سهڪار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اھڙي پيدا ٿيل صورتحال سبب سنڌ ڪابينا جو اجلاس ملتوي ڪرڻو پيو. جڏهن ته اجلاس ختم ٿيڻ کانپوءِ به سنڌ جي وڏي وزير ۽ وزيرن ۾ بحث جاري رهيو، اجلاس ختم ٿيڻ کانپوءِ صحت جو نگران صوبائي وزير وزيراعليٰ هائوس مان نڪري ويو. ھوڏانھن صحافين سان ڳالھائيندي صحت جي وزير چيو ته صحت کاتي پاران سنڌ جي نگران وڏي وزير مقبول باقر خلاف قانوني ڪارروائي جو اعلان ڪيو.