ڪالهه سيد مراد علي شاهه لڳاتار ٽيون ڀيرو سنڌ جي وڏي وزير طور حلف کڻي ورتو آهي. اسان جو خيال آهي ته هاڻي سيد مراد علي شاهه کي هڪ وسيع تجربو رکندڙ سنڌ جي وڏي وزير طور ڪارڪردگي ڏيکارڻ گهرجي. هن ڀيري کيس پنهنجي گذريل وڏ وزات واري دور سان مقابلو آهي. گذريل وڏ وزارت واري دور ۾ هن ڇا سٺو ڪيو، ڇا خراب ڪيو، ڪهڙي ڪارڪردگي ۾ سندس نالو ٿيو، واکاڻيو ويو، ڪهڙن معاملن ۾ مٿس تنقيد ٿي، سوال اٿاريا ويا تن جو مجموعي طور تي جائزو وٺي کيس اڳتي وڌڻ گهرجي.
انهيءَ ۾ ته ڪو شڪ ناهي ته طور کيس جمهوري حڪومت ڪرڻ جو ٽيون ڀيرو سونهري موقعو مليو آهي پر ڇا سندس نالو سنڌ جي تمام سٺن وڏن وزيرن ۾ کنيو وڃي ٿو؟ ڇا هن جي ڪارڪردگي ٻين صوبن جي وڏن وزيرن کان سٺي رهي آهي تنهن تي کيس سوچڻ گهرجي سنڌ جي وڏي وزير سنڌ جي دانشورن، اديبن ۽ سينئر صحافين جو هڪ اجلاس گهرائي جنهن ۾ هو کانئن پنهنجي ڪارڪردگي بابت رايا وٺي ۽ ان روشني ۾ مليل غير معمولي صلاحن کي حڪومتي پاليسي جو حصو بڻائي.
اسان جو خيال اهو آهي ته سيد مراد علي شاهه گذريل ٻن دورن ۾ گڊ گورننس نه ڏيکاري سگهيو آهي جو کيس سنڌ جي تاريخ جي تمام سٺن وڏن وزيرن ۾ شمار ڪيو وڃي. سندس دور ۾ خاص ڪري گذريل دور ۾ ڪچي جي علائقن ۾ ڌاڙيلن جو راڄ رهيو، شهرن ۾ اسٽريٽ ڪرائيم ۾ اهو خوفناڪ لاڙو پيدا ٿيو جو ڦورو ڦر ۾ ٿوري به مزاحمت تي ماڻهوءَ کي گوليون هڻي مارڻ لڳا. اسپتالن ۾ معياري علاج جي کوٽ کان علاوه مريضن ۽ اٽينڊنٽ سان ڊاڪٽرن ۽ عملي جو رويو تذليل وارو رهيو، سندس دور ۾ دوائن جا اگهه مهانگي کان مهانگا ٿيندا رهيا. عام واهپي جي شين جا اگهه مارڪيٽن ۽ دڪانن تي پاڻمرادو وڌندا رهيا عام واهپي جي شين جا اگهه مارڪيٽ ۽ دڪانن تي پاڻمرادو وڌندا رهيا. ضلعي سطح تي انهن جي جاچ پڙتال جو انتظام نه جي برابر رهيو. سرڪاري اسڪولن جي تعليم تباهه ۽ برباد رهي.
ويجهي ماضي ۾ سنڌ جي پرائمري، سيڪنڊري ۽ ڪاليج جي سطح جي تعليم خراب کان خراب تر ٿيندي رهي پر مراد علي شاهه جي ٻن دورن ۾ تعليم جي تباهي ۽ ڪاپي جي لاڙي جو دائرو وڏين يونيورسٽين تائين پکڙجي ويو. يونيورسٽين جي گرلز هاسٽلن ۾ شاگردياڻين جي آپگهاتن جا واقعا وڌندا رهيا. انساني حقن جي ڀڃڪڙين ۾ ريڪارڊ واڌ ٿي، عورتن جي تذليل جا واقعا وڌندا نظر آيا. ترقياتي ڪمن جي رفتار سست رهي شاهراهون ۽ رود بند ڪري احتجاج ڪيا ويا جنهن سان عوام جي مجموعي زندگي سخت متاثر ٿي.
اسان جو خيال آهي ته سيد مراد علي شاهه کي پنهنجي حڪومت جي انهن ڪمزور پاسن ڏانهن ڌيان ڏيڻو پوندو ۽ سٺن ڪمن کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ جو سوچڻو پوندو. ان لاءِ کيس وزيرن تي ٻڌل هڪ انتهائي مضبوط ڪابينا ٺاهڻ جي ضرورت آهي. ڪابينا جي جوڙجڪ جي معاملي ۾ کين صلاح آهي ته وزارت سان سلهاڙيل ۽ ان شعبي جي ماهر ماڻهوءَ کي وزارت ڏيڻ گهرجي جن وٽ پنهنجي شعبي تي ڪم ٿيل هجي يا ڪو پروگرام هجي. مثال طور تعليم جي وزير جو تعليم سان واسطو هجي، زراعت جو وزير زراعت جي شعبي جو ماهر هئڻ گهرجي. پارٽي اڳواڻن ۾ وزارتون ورهائڻ وارو سلسلو هاڻي بند ڪرڻ گهرجي. ڪارڪردگي کي فوڪس ڪرڻ گهرجي. سٺي گورننس ۽ڪارڪردگي کي جاچڻ لاءِ هر وزير کي پهرين سئو ڏينهن جو ٽارگيٽ ڏيڻ گهرجي ته اوهان جيڪڏهن سئو ڏينهن ۾ ڪا نمايان يا ذڪر جوڳي ڪارڪردگي نه ڏيکاري ته اوهان کي وزارت تان هٽائي به سگهجي ٿو.
ٻيو ته هن ڀيري ضلعي سطح تي ڪارڪردگي کي بهتر ڪرڻ جو پلان قائم ڪرڻ گهرجي، ٻي صورت ۾ ضلعي حڪومتي نظام لاڳو ڪرڻ گهرجي جنهن جي سڀ کان اڳ ۾ بينظير ڀٽو صاحبه ٻي چونڊ وڙهڻ جي موقعي تي پنهنجي چونڊ منشور ۾ تجويز پيش ڪئي هئي پر ان کي اڳتي هلي پرويز مشرف پنهنجي پروگرام طور متعارف ۽ مشهور ڪرايو. سو ان ضلعي نظام کي سيد مراد علي شاهه به گڊ گورننس جي نظام تحت استعمال ڪري سگهي ٿو. باقي صحت ڪارڊ ۽ منشور ۾ جيڪو ڪجهه آهي تنهن تي يقيني عمل ڪرائڻ به گڊگورنس جي تقاضا آهي.
اسان وٽ شروعاتي ڏينهن ۾ ته وزيراعظم، وڏا وزير، ميئر وغيره جوش ۽ ولولو ڏيکاريندا آهن. پر وقت گذرڻ سان پوءِ ٿڌا ٿي ويندا آهن وڏي وزير کي مجموعي طور تي پنهنجين ڪمزورين کي طاقت ۾ بدلائي ڏيکارڻ گهرجي ۽ خاص ڪري وڌ ۾ وڌ عوام کي رليف ڏيڻ جو سوچڻ گهرجي. مراد علي شاهه صاحب کي ته هاڻي وسيع تجربو آهي کيس اهڙي وڏ وزارت ڏيکارڻ گهرجي جو سندس دشمن به تسليم ڪن ته ملڪ جو سڀ کان بهترين وڏو وزير مراد علي شاهه آهي. اوهان پنجاب ۾ ڏسو ته مريم نواز وڏي وزير طور پهرين ڏينهن کان ڪم ڪرڻ شروع ڪيو آهي. هن پنهنجي پهرين خطاب ۾ چيو ته منهنجو مقابلو پنهنجي والد نواز شريف ۽ چاچا شهباز شريف جي وڏ وزارت وارن دورن سان آهي. مريم نواز جيڪڏهن واقعي به ان ٽاسڪ سان وڏ وزارت ڪئي ته يقيني طور تي ان جي ڪارڪردگي به يادگار رهندي. ايئن اسان جي خواهش آهي ته مراد علي شاهه به پنهنجي گذريل ٻن دورن جي وڏ وزارت سان موجوده دور ۾ مقابلو ڪري پاڻ ملهائي ڏيکاري ۽ اهو ٽارگيٽ طئي ڪري ته کيس ملڪ جو سڀ کان ڪامياب وڏو وزير ٿي ڏيکارڻو آهي.