آغا سراج دراني پاران نئين چونڊيل اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر کي مبارڪباد

ڪراچي( رپورٽر) سنڌ اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي اڳوڻي اسپيڪر آغا سراج دراني نون چونڊيل اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر کي مبارڪباد ڏني.هن چيو ته هو پيپلز پارٽي ليڊر شپ جو شڪر گذار آهي جو هنن هر ڏکي وقت ۾ ساڻس ساٿ نڀايو، هن چيو ته منهنجو تعلق ڳڙهي ياسين سان آهي. اوهانکي خبر آهي ته ڳڙهي ياسين جي صورتحال بهتر ناهي، هن چيو ته اسان جي قيادت جي تربيت هر مشڪل صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ آهي، سمورا چونڊيل نمائندا هن ايوان جي حفاظت ڪن. آغا سراج دراني چيو ته جيڪڏهن ڪنهن هن ايوان کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي ته اسان پهرين صف ۾ انهن جي سامهون بيٺل هونداسين ………..

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.