استاد هدايت لوهار جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف نصيرآباد ۾ احتجاج، بک هڙتال

نصيرآباد(رپورٽ:بشيراحمد بروهي) نصيرآباد جي مقتول قومپرست ڪارڪن ۽ استاد هدايت لوهار جو ڪيس داخل نه ڪرڻ ۽ قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف علامتي بک هڙتال، نصيرآباد جي مقتول قومپرست ڪارڪن ۽ استاد هدايت لوهار جي قتل جي ايف آءِ آر داخل نه ڪرڻ ۽ قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف جسٽس فار هدايت لوهار ايڪشن ڪميٽي طرفان پوسٽ آفيس اڳيان چار ڪلاڪ علامتي بک هڙتال ڪئي وئي جنھن ۾ شھر توڙي آس پاس جي علائقن جي سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن، ڪارڪنن، عورتن، سول سوسائٽي ۽ شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي سسئي لوهار، سورٺ لوهار، عبدالوهاب بروهي، اشفاق مسڻ، انور آزاد ڪانڌڙو، عنايت تنيو علي گل ڪانڌڙو ڪامريڊ ابراهيم چانڊيو منصور سومرو ڪامريڊ دلدار ايري۽ ٻين چيو ته هدايت لوهار قومي ڪارڪن سان گڏ فرض شناس استاد به هو جنھن پنھنجي ڊيوٽي به سٺي نموني سان نڀائي، هڪ بي گناھ استاد جي قتل کي يارهون ڏينھن آهي پر هن وقت تائين مقتول جي ايف آءِ آر داخل نه ٿي ڪئي وڃي سندس وارث نياڻيون پوليس گردي خلاف ڪورٽ تائين پھتيون آهن ۽ اسان کي اميد آهي ته ڪورٽ سڳوري مقتول جي خون سان انصاف ڪندي هنن مطالبو ڪيو ته  فوري طور مقتول جي ايف آءِ آر داخل ڪري ملوث قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.