پ پ ڪڏهن به ذاتي مفادن خاطر جمهوريت کي نقصان نه پهچائيندي:مراد علي شاهه

ڪراچي( رپورٽر) سنڌ جي نامزد وڏي مراد علي شاهه چيو آهي ته پيپلزپارٽي ڪڏهن به ذاتي مفادن خاطر جمهوريت کي نقصان نه پهچائيندي،  سنڌ انشاالله پاڪستان کي بچائيندي، سنڌ هميشه پاڪستان کپي جو نٿرو لڳايو،  ايندڙ حڪومتن لاءِ دهشتگردي جو خاتمو وڏو چيلينج هوندو، دهشتگردي ٻيهر ڪر کڻي رهي آهي، هن چيو ته ملڪ ڏکيائين کي منهن ڏئي پيو، دهشتگردي ٻيهر ڪر کڻي رهي آهي، ايندڙ حڪومتن لاءِ دهشتگردي جو خاتمو وڏو چيلينج هوندو.نامزد وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي عوام جي خدمت جو سلسلو جاري رکيو ويندو، ڪوشش هوندي ته ايوان کي سٺي ماحول ۾ هلايو وڃي.نامزد وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ملڪ ڏکيائين کي منهن ڏئي پيو، دهشتگردي ٻيهر ڪر کڻي رهي آهي، ايندڙ حڪومتن لاءِ دهشتگردي جو خاتمو وڏو چيلينج هوندو.مراد علي شاهه   عام چونڊن دوران پرتشدد واقعي ۾ شهيد ٿي ويل ڪارڪنن ۽ لاڏاڻو ڪري ويل پ پ ايم پي اي عبدالعزيز جوڻيجو لاءِ دعا پڻ گهرائي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.