سنڌ جي وڏ وزارت لاءِ مراد علي شاهه ۽ علي خرشيدي ۾ اڄ مقابلو

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير شيڊول جاري ٿيڻ کان پوءِ پيپلزپارٽي پاران مراد علي شاهه ۽ ايم ڪيو ايم پاران علي خورشيدي جا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن، آچر جي نئين چونڊيل اسپيڪر  نجهند 2 وڳي سنڌ جي وڏي وزير جي چونڊ جاري ٿيندي، سنڌ جي وڏي وزير جي چونڊ شيڊول جو اعلان ٿيڻ کان پوءِ پيپلزپارٽي پاران اڳوڻي سنڌ وي وزير مراد علي شاهه  نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا آهن، مراد علي شاهه جا نامزدگي ڪاغذ سنڌ اسيمبلي ميمبر غلام قادر چانڊيو جمع ڪرايا، ٻئي پاسي ايم ڪيو ايم پاڪستان پاران علي خورشيدي پنهنجا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن،هوڏانهن مراد علي شاهه پي ٽي آءِ جي حمايت يافته آزاد اميدوارن سان رابطو ڪري ورتو،پي ٽي آءِ جي آزاد ميمبر شبير قريشي جيو نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته مراد علي شاهه اسان جي آزاد ميمبرن سان رابطو ڪيو، هن آزاد ميمبرن کان قائد ايوان جي چونڊ لاءِ حمايت گهري، هن چيو ته آزاد اميدوارن سنڌ اسيمبلي ۾ قائد ايوان جي چونڊ عمل جي بائيڪاٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.