آصف زرداري سان بلوچستان اسيمبلي جي نون چونڊيل ميمبرن جي ملاقات

ڪراچي(م ڊ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري بلوچستان اسيمبلي جي نون چونڊيل ميمبرن ملاقات ڪئي آهي.بلوچستان اسيمبلي جي نون چونڊيل ميمبرن زرداري هائوس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران بلوچستان ۾ حڪومت سازي تي ڳالهيون ڪيون ويون. جنهن ۾ ايم پي اي عبدالمجيد باديني به شرڪت ڪئي.ملاقات جي دوران سمورن صوبائي اسيمبلي ميمبرن حڪومت سازي ۾ پيپلز پارٽي جي حمايت جو اعلان ڪيو.ياد رهي ته بلوچستان جي صوبائي اسيمبلي جو اجلاس 28 فيبروري تي طلب ڪيو ويو آهي، نئين اسيمبلي جي اجلاس ۾ نوان چونڊيل ميمبر حلف کڻندا. بلوچستان اسيمبلي جو اجلاس ٻنپهرن جو 3 وڳي طلب ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ اسپيڪر نون چونڊيل ميمبرن کان حلف وٺندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.