صدر علوي قومي اسيمبلي اجلاس گهرائڻ کان لنوائڻ لڳو / 29 فيبروري تي اسپيڪر پاڻ اجلاس گهرائي سگهي ٿو:اسحاق ڊار

اسلام آباد(م ڊ) صدر عارف علوي هن وقت تائين قومي اسيمبلي جو اجلاس نه گهرايو آهي.4 ڏينهن اڳ پارلياماني معاملن واري وزارت صدر عارف علوي کي سمري موڪلي هئي، صدر اڃا تائين اجلاس سڏائڻ جي سمري تي صحيح ناهي ڪئي.ذريعن جي دعويٰ آهي ته صدر جي راءِ آهي ته ايوان اڃا مڪمل ناهي ٿيو، ڪجهه مخصوص سيٽن جو فيصلو ٿيڻو آهي.عارف علوي اڃا تائين سمري جي منظوري کي رد نه ڪيو آهي، رڳو زباني موقف سامهون آيو آهي.نگران وفاقي حڪومت جو موقف آهي ته آرٽيڪل 91 جي سيڪشن 2 تحت 21 ڏينهن تائين اجلاس سڏائڻ لازمي آهي، صدر پاران اجلاس نه گهرائڻ جي صورت ۾ قومي اسيمبلي جو اجلاس 29 فيبروري تي ٿيندو. 29 فيبروري تي ٿيندڙ اجلاس آئين موجب ٿيندو.

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شازيا مري چيو آهي  ته صدر عارف علوي پاران نئين چونڊيل اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ ۾ دير پنهنجي اختيار جو غلط استعمال آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ شازيا مري چيو ته صدر لاءِ ضروري آهي ته وزيراعظم جي سمري تي فوري طور تي قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائي ته جيئن قومي اسيمبلي فعال رهي.هن چيو ته صدر عارف علوي کي گهرجي ته هو هڪ شخص جو وفادار ٿيڻ بدران آئين جي پاسداري ڪري، ياد رهي ته هي اهو ئي صدر آهي جنهن ماضي ۾ قومي اسيمبلي کي غير آئيني طريقي سان ٽوڙيو، صدر کي ماضي وانگر آئين سان کيڏڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي،هن چيو ته صدر عارف علوي طرفان آئين جي هر ڀڃڪڙي ۽ عهدي جو غلط استعمال تاريخ جو حصو رهندو.صدر قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ جو پابند آهي.

اسلام آباد/لاهور(م ڊ) ن ليگ اڳواڻ اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته آئين  جي حساب سان 21 ڏينهن ۾ اجلاس گهرائڻو هوندو آهي، آئين جي ڀڃڪڙي نٿي ٿي سگهي، صدر کي وڃڻ کان پهرين حلف جي پاسداري ڪرڻ گهرجي، مخصوص سيٽن جو فيصلو ٿيڻ کان بغير اسيمبلي جو اجلاس ۽ وزيراعظم جي چونڊ ٿي سگهي ٿي، اليڪشن ڪميشن کي پنهنجو فرض ادا ڪرڻ گهرجي، مخصوص سيٽن تي اليڪشن ڪميشن جي ناڪامي ظاهر ٿئي ٿي، هوڏانهن مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ عطاءُ تارڙ الزام هنيو آهي ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي پي ٽي آءِ جو ڪارڪن بڻجي جمهوريت کي نقصان پهچائي رهيو آهي.لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عطا تارڙ چيو ته عوام منافقت جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي، پي ٽي آءِ هميشه ملڪي معيشت ۽ جمهوريت کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، صدر جمهوريت کي نقصان پهچائڻ لاءِ پي ٽي آءِ جو ڪارڪن بڻجي ويو آهي.هونءَ چيو ته قومي اسيمبلي جو اجلاس ملتوي ڪرڻ جو ڪو به جواز ناهي، صدر هميشه پنهنجي عهدي جو غلط استعمال ڪندو رهيو آهي،ايوان صدر سازشن جو ڳڙهه بڻجي چڪو آهي ڪامياب ميمبرن جا نوٽيفڪيشن جاري ڪيا ويا آهن ۽ جيڪڏهن 21 ڏينهن تائين قومي اسيمبلي جو اجلاس نه ٿو ٿئي ته اسپيڪر پاڻ ئي. ان کي سڏي ٿو.هن چيو ته صدر ڪڏهن به پنهنجو حلف نڀايو، عارف علوي پنهنجي پٽ جي ڪاروبار لاءِ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون، هن پنهنجي پٽ کي منافعو ڏيارڻ لاءِ اختيارن جو غلط استعمال ڪيو، توهان 700 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن ڪريو۽ جمهوريت به ڊي ريل ڪريو ائين نٿو ٿي سگهي

لاهور (م ڊ)  مسلم ليگ(ن) جي سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته صدر عارف علوي  سمري تي اجلاس نه گهرايو ته 29 فيبروري تي اسپيڪر آئيني طور تي پاڻ اجلاس گهرائي سگهي ٿو، پنجاب اسيمبلي ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي اسحاق ڊار چيو ته آئين ۾ چٽو لکيل آهي ته جيڪڏهن سمري تي اجلاس نه گهرايو ويو ته 21هين ڏينهن اسپيڪر کي اجلاس گهرائڻ جو اختيار آهي ۽ آئيني 21 ڏينهن جي مهلت جي حساب سان 29 فيبروري آخري تاريخ بڻجي ٿي، هن چيو ته صوبن ۾ به جيڪڏهن گورنر اجلاس نٿا گهرائين ته اتي به اهوئي اصول لاڳو هوندو. اڳوڻي ناڻي واري وزير چيوته معيشت ۾ ڪيئن سڌارو آڻي سگهجي ٿو. هن جڳهه تي ان جي باري ۾ نٿو ڳالهائي سگهان.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.